Friday , March 29 2024

پيپلز پارٽي پاران بنگالين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي ڏنا ويندا،سرڪاري نوڪريون به ڏينداسين:نثار کهڙو/ ڊاڪٽر عاصم/ وقار مهدي

Dr.-Asim-HussainNisar Khuhro 1

ڪراچي: پيپلز پارٽي پاران ڪراچي ووٽ حاصل ڪرڻ جي لالچ ۾ بنگالين کي پاڪستان جي شهريت ڏيارڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو آهي ته، هاڻي اسان ڪراچي متحده کان کسي وٺنداسين. آصف زرداري جي ويجهي دوست ڊاڪٽر عاصم حسين چيو آهي ته بنگالين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت کان هڪ ارب رپيا منظور ڪرائيندو.

پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر گذريل آچر واري ڏينهن ڪراچي جي ڪورنگي واري علائقي ۾ بنگالين جي اڳواڻ شيخ فيروز پاران پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو، پ پ ڪراچي جي صدر ۽ اڳوڻي وفاقي وزير ڊاڪٽر عاصم حسين، اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاھ جي خاص معاون ۽ پ پ اڳواڻ وقار مهدي جي مان ۾ ٿيل تقريب ۾ پ پ جي ڪارڪنن ۽ سنڌ ۾ ترسيل غيرقانوني بنگالين شرڪت ڪئي.

PPP-Logo-Pakistan-Peoples-Partywaqar mehdi

بنگالين جي اڳواڻ شيخ فيروز پاران سڏايل جلسي کي خطاب ڪندي پ پ پ سنڌ جي صدر ۽ صوبائي وزير نثار کهڙُ چيو ته، بنگالين کي پاڪستان جي شهريت ملڻ گهرجي ۽ ان لاءِ کين سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏنا وڃن. صوبائي وزير ۽ پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو ته، بنگالين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي ڏيڻ لاءِ نادرا جي ڊائريڪٽر جنرل سان سندس ڳالھ ٻولھ ٿي وئي آهي. نثار کهڙي چيو ته، بنگالين کي جلد کان جلد سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي ڏيڻ لاءِ مختلف ڪاميٽيون به جوڙيون ويون آهن، جيڪي ان سلسلي ۾ سهڪار ڪنديون.

ڪورنگي ۾ بنگالين جي اڳواڻ شيخ فيروز جي ميزباني هيٺ ٿيل جلسي کي خطاب ڪندي پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو وڌيڪ چيو ته، هاڻي ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي پيرن هيٺان زمين کسڪي رهي آهي ۽ جلد سندن پيرن هيٺان زمين نڪري چڪي هوندي. نثار کهڙي چيو هاڻي ايندڙ عام چونڊن ۾ پيپلز پارٽي ڪراچي مان ڀرپور ڪاميابي ماڻيندي.

Dr Asim & Asif

شيخ فيروز جي ميزباني هيٺ ٿيل جلسي کي خطاب ڪندي پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر اڳوڻي وفاقي وزير ۽ آصف علي زرداري جي ويجهي ۽ بااعتماد ساٿي ڊاڪٽر عاصم حسين چيو ته، پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي خاص هدايتن تي ڪورنگي لاءِ هڪ ارب رپين جي ترقياتي فنڊز جو اعلان ڪيان ٿو. ڊاڪٽر عاصم حسين چيو ته هڪ ارب رپين جي اها رقم سنڌ حڪومت ڏيندي جيڪا هتي خرچ ڪئي ويندي. پ پ ڪراچي ڊويزن جي صدر ڊاڪٽر عاصم حسين چيو ته سنڌ حڪومت ڪورنگي سميت ڪراچي ۾ رهندڙ سمورن بنگالين جا مسئلا اوليت جي بنياد تي حل ڪندي ۽ کين سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي ڏنا ويندا.

ڪراچي ۾ رهندڙ بنگالين جي اڳواڻ شيخ فيروز جي ميزباني هيٺ پيپلز پارٽي جي مان ۾ ٿيل جلسي کي خطاب ڪندي پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري وقار مهدي چيو ته، اسان بنگالين کي محب وطن تسليم ڪندا رهيا آهيون ۽ تسليم ڪيون ٿان. سنڌ ۾ آباد سمورن بنگالين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي ڏيڻ سان گڏوگڏ سندن سمورا مسئلا اوليتي بنيادن تي حل ڪيا ويندا. پ پ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري وقار مهدي جو چوڻ هو ته، بنگالين کي نه رڳو سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي ڏينداسين پر انهن کي سنڌ جي صوبائي کاتن ۾ نوڪريون به ڏنيون وينديون.

جلسي جي ميزباني ڪندڙ ۽ تازو ئي پيپلز پارٽي ۾  شامل ٿيندڙ بنگالين جي اڳواڻ شيخ فيروز جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته، هُو 20 لک بنگالين سميت جڏهن کان پ پ ۾ شامل ٿيو آهي ته کيس ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *