Friday , April 19 2024

اسان بنگالين ۽ ۽ برمين کي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ تحفظ ڏيندا رهنداسين، ڪنهن تڪليف ٿئي ٿي ته ڀلي ٿئي: نثار کهڙو

Nisar khuhro 001

پاڪستان پيپلز پارٽي هڪ ڀيرو ان ڳالهه جي يقين دهاني / پڪ ڏياري ڇڏي آهي ته بنگالکين ۽ برمين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي ڏيڻ سميت انهن ٻيون سهولتون به ڏينداسين.

ان ڳالهه جو اظهار پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر ۽ سينئر صوبائي وزير نثار احمد کهڙو خميس ڏهاڙي، پ پ جي ميڊِيا سينٽر تي پريس ڪانفرنس دوران ڪيو ان موقعي تي، وقار مهدي، راجا رزاق بلوچ ۽ ٻيا پ پ اڳواڻ پڻ موجود هئا.

Dr.-Asim-HussainPPP arow

پريس ڪانفرنس دوران پ پ سنڌ جي صدر ۽ سينئر صوبائي وزير نثار کهڙو کان صحافي پاران پڇيل سوال جي جواب ۾ نثار کهڙو چيو ته، “ جناب اسان اهڙو ڪم ڪندا رهنداسين، اسان سڀني کي تحفظ ڏيندا رهنداسين، پوءِ اُهي چاهي بنگالي هجن، برمي هجن، پنجابي هجن يا پٺاڻ هجن. اسان اهڙا ڪم ڪندا رهنداسين، پوءِ ڀلي ڪنهن کي تڪليف ٿئي ٿي ته ڀلي ٿئي. سينئر صوبائي وزير ۽ پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو ائين به چيو ته اسان اهڙيون سينچريون هڻندا رهنداسين پوءِ جيڪڏهن ڪنهن کي تڪليف ٿئي ٿي ته ڀلي ٿئي.

waqar mehdi 001Rashid rabbani001

ياد رهي ته لڳڀ ڀڳ ڏيڍ مهينو اڳ نئر صوبائي وزير ۽ پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو ائين به چيو ته اسان اهڙيون سينچريون هڻندا رهنداسين پوءِ جيڪڏهن ڪنهن کي تڪليف ٿئي ٿي ته ڀلي ٿئي.

ياد رهي ته لڳڀ ڀڳ ڏيڍ مهينو اڳ نثار کهڙو، پ پ ڪراچي ڊويزن جي صدر ۽ ڪرپشن ڪيسز کي منهن ڏيندڙ ڊاڪٽر عاصم حسين، وقار مهدي ۽ ٻين ڪورنگي ۾، فيروز بنگالي پاران سندن مان ۾ ڏنل آجياڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي اعلان ڪيو هو ته ڪراچي ۾ رهندڙ بنگالين کي پاڪستاني شهريت ڏياري سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي ڏنا ويندا. ان جلسي کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر عاصم حسين چيو هو ته بنگالين ۽ بنرمين جا مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ سنڌ حڪومت کان هڪ ارب رپيا ڏياريندو.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *