Sunday , April 28 2024

گورک هل اسٽيشن تي 15 سالن دوران خرچ ڪيل بجيٽ جي جاچ جون تياريون، صحافي کان پڇاڻو ٿيندو

ڪراچي( رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) گورک هل اسٽيشن جِي ترقي سميت روڊ جي تعمير تي خرچ ڪيل بجيٽ جي جاچ جو فيصلو، ايف آءِ اي، نيب ۽ اينٽي ڪرپشن انيڊ انڪوائريز کاتي پاران جاچ لاءِ سمورن ٺيڪيدارن، پيٽي ٺيڪيدارن سان گڏ ڪجهه صحافين کي به جاچ ۾ شامل ڪرڻ تي غور. ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق، سنڌ حڪومت پاران گذريل 15 سالن دوران گورک هل اسٽيشن جي ترقي لاءِ 23 ارب رپين کان وڌيڪ جي وڏي رقم خرچ ڪرڻ باوجود بنيادي سهولتون به نه هجڻ، محفوظ روڊ به نه هجڻ بابت عوامي شڪايتن تي نيب جي اختيارين معاملي جي جاچ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ مطابق نيب، ايف آءِ اي ۽ اينٽي ڪرپشن اينڊ انڪوائريز سنڌ ڌارڌار هن معاملي جي جاچ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ايف آءِ اي جي ذريعن جون  چوڻ آهي ته، گورک هل اسٽيشن تي خرچ ڪيل رقم ۾ ڪرپشن ۽ بيضابطگين بابت اخبارن توڙي ٻين تصديق ٿيل ذريعن کان مليل ڄاڻ جي بنياد تي گورک جي خرچ ڪيل بجيٽ جي جاچ لاءِ ٽِن آفيسرز جي ذميواري لڳائي وئي آهي، ان سلسلي ۾ گورک هل جي منصوبن تي ڪم ڪندڙ ڪجهه ڪمپنين کان به معلومات ورتي پئي وڃي.

ان سلسلي ۾ گذريل سنڌ حڪومت ۾ اهم عهدي تي رهندڙ ۽ پيپلزپارٽي کي ويجهو رهندڙ ڪاموري سنڌسماءَچار کي ٻڌايو ته، ” گورک هل اسٽيشن جي 15 سالن دوران جاري ڪيل مجموعي بجيٽ مان حقيقي معنيٰ ۾ 30 سيڪڙو به خرچ ناهي ٿي، گورک هل تي مختلف اين جي اوز توڙي شخصيتن پاران پروگرامن ذريعي به مختلف طريقن سان فنڊز ڏنا ويا، مختلف ڊمي فرمز جي ذريعي گروک تي ريسٽ هائوسز جي ايم اينڊ آر جي نالي تي به جعلي بلنگ ذريعي وڏي بجيٽ هڙپ ڪئي وئي آهي”. ان ڪاموري جو چوڻ هو ته“ گورک هل اسٽيشن جي بجيٽ تي ڪجهه صحافين، ليکڪن ۽ ٽوئرزم جي نالي تي به بجيٽ کي تين وال ڪيو”. ( نوٽ: ڊولپنگ اسٽوري).

About Ahmedbilal

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *