Monday , April 29 2024

ڪارونجهر جي32ڪلوميٽرز تائين ڪٽائي واري مشينري نظر نه اچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

حيدرآباد  (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي خلاف داخل درخواست تي ٻُڌڻي دوران حڪم ڏنو آهي ته ڪو به جبل ڪٽڻ لا ڪو به ماڻهو يا مشينري ننگرپارڪر جي 32 ڪلو ميٽر ايراضي ۾ موجود نه هجي، ٻي صورت ۾ ايف آئي آر داخل ڪئي ويندي، عدالت ماربل ڪوههِ نور ڪمپني تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڪيڏي به ليز پراڻي ڇو نه هجي، ڪارونجهر تي ڪابه ليز ناهي، سڀ رد آهن، عدالت ماربل ڪوهينور ڪمپني جي وڪيل کي چيو ته توهان کي دليل ڏيڻ جي تاريخ ان شرط تي ڏيون ٿا ته توهان جو ڪوبه ماڻهو ڪارونجهر جي آس پاس نظر نه اچي، جيڪڏهن نظر آيو ته گرفتار ڪيو ويندو

سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ۾ وڪيل شنڪر ميگهواڙ جي درخواست تي ٻڌڻي جي موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر ۽ مختلف کاتن جا عملدار پيش ٿيا. عدالت ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر، جهنگلي جيوت کاتي، معدنيات کاتي ۽ ايس ايڇ او ننگرپارڪر کي لکت ۾ قسم نامو جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته ڪو به جبل ڪٽڻ لا ڪو به ماڻهو يا مشينري ننگرپارڪر جي 32 ڪلو ميٽر ۾ موجود نه هجي، ٻي صورت ۾ ايف آئي آر داخل ڪئي ويندي. عدالت ۾ ٻڌڻي دوران ماربل ڪوهينور ڪمپني جي وڪيل چيو ته اسان کي ڪافي عرصي کان ليز مليل آهي، تنهنڪري اسان کي ٻُڌو وڃي ۽ ليز ڪينسل نه ڪئي وڃي، جنهن تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. عدالت چيو ته ڪيڏي به ليز پراڻي ڇو نه هجي، ڪارونجهر تي ڪابه ليز ناهي، سڀ رد آهن. عدالت  ماربل ڪوهينور ڪمپني جي وڪيل کي چيو ته توهان کي آرگيومينٽ جي تاريخ ان شرط تي ڏيون ٿا ته توهان جو ڪوبه ماڻهو ڪارونجهر جي آس پاس نظر نه اچي، جيڪڏهن نظر آيو ته گرفتار ڪيو ويندو. ٻُڌڻي دوران عدالت ڪالهه واري حڪم نامي ۾ ڪارونجهر جي ايراضي19چورس ڪلوميٽر ۾ لکيو هو، جنهن تي درخواستگذار وڪيل  شنڪر ميگھواڙ عدالت کي استدعا ڪئي ته ڪارونجهر جي ڪُل ايراضي 32 چورس ڪلوميٽر آهي، اها درستگي ڪئي وڃي، جنهن بعد عدالت ڪارونجهر جي ايراضي 32 چورس ڪلوميٽر ڄاڻائي ڪجهه ٽڪرين جو سلسلو به شامل ڪيو. عدالت ٻُڌڻي دوران ريمارڪس ڏيندي چيو ته اسان هن سائيٽ کي ڏٺو ناهي پر درخواستگذار جيڪي تصويرون پيش ڪيون آهن، اُهي ڏسي اسان ان خيال جا آهيون ته هي ورثو ايندڙ نسلن لاءِ بچايون. ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 5 سيپٽمبر تي ٿيندي.

About Ahmedbilal

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *