Saturday , April 27 2024

اليڪشن ڪميشن ٻيهر واضح ڪري ڇڏيو؛ 90 ڏينهن اندر اليڪشن نه ٿيندي

اسلام آباد ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) اليڪشن ڪميشن هڪ ڀيرو ٻيهر واضح ڪندي چيو آهي ته، ايندڙ عام چونڊون90 ڏينهن اندر نه ٿيون ڪرائي سگهجن، نئين آدمشماري ٿيڻ بعد نيون تڪبنديون ڪرائڻ به آئين گهرج آهي. اليڪشن ڪميشن ايندڙ عام چونڊن ۽ تڪبندين لاءِ ملڪ جي سياسي پارٽين سان صلاح مشورن کانپوءِ فصصلو ڪيو آهي ته تڪبنديون جيترو جلد ٿي سگهيو جلد ڪيون وينديون؛ نين تڪبندين جو مُدو گهٽ ڪيو ويندو،14ڊسمبر بدران 30نومبر تي تڪبندين جي حتمي فهرست جاري ڪئي ويندي، جيڪا فهرست پهريان 14 ڊسمبر تي ڪرڻي هئي ۽ هاڻي 15 ڏينهن پهريان مڪمل ڪري جاري ڪئي ويندي. 90 ڏينهن اندر ته اليڪشڻ ڪرائڻ ممڪن ناهي، جهڙي طرح چونڊون ڪرائڻ آ؟يني گهرج آهي اهڙي ئي نموني نئين آدمشماري جي بنياد تي نيون تڪبنديون ڪرائڻ به آئيني گهرج آهي، اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته تڪبندين جو مدو گهٽ ڪرڻ جو مقصد جلد کان جلد تڪبندين جو مرحلو مڪمل ڪري جيترو جلد ٿي سگهي اليڪشن ڪرائي وڃي.

چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندرسلطن راجا چيو آهي ته سياسي پارٽين سان صلاح مشورن ۽ ان جي فيڊبيڪ کي نظر ۾ رکندي اليڪشن ڪميشن جو اهم اجلاس ٿيو آهي، اڄوڪي اجلاس  ۾ جي ڊي اي جي اڳواڻن ڊاڪٽر فهميده مرزا، ڊاڪٽر صفدر عباسي، ڪاشف نظاماڻي ۽ سردار رحيم به شريڪ ٿيا. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته ٻين جماعتن سميت جي ڊي اي وفد سان ملاقات دوران اليڪشن ڪميشن جي سمورن آئيني اختيارن جو اعتراف ڪيو.

About Ahmedbilal

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *