Saturday , April 27 2024

سيوهڻ ۾ بينظير ڀٽو انڪم سپورٽ پروگرام مافيا جي حملي ۾ نوجوان جي ڄنگهه ضايع

سيوهڻ / ڪراچي ( خاص نمائندو / چيف رپورٽر   سنڌسماءَچار) مستحق عورتن جي مالي مدد جي  نالي تي شروع ڪيل بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سنڌ اندر ڪرپٽ ٽولا  ۽ مافيائون پيدا ڪري ڇڏيون، سيوهڻ ۾ بي آءِ ايس پي جي رقم ۾ ڊوائيس مافيا جي ٽولي جي ماڻهن خلاف بي آءِ ايس پي جي رقم مان ڪٽوتي خلاف آواز اٿاريندڙ مقامي صحافي ۽ سماجي ڪارڪن صفدر هاليپوٽو جي گهر تي حملو، سندس والد زخمي، نوجوان کي ڄنگهن ۾ گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ سندس هڪ ڄنگهه ضايع ٿي وئي، جوابدارن خلاف ڪيس به داخل نه ٿيو.

سيوهڻ ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي رقم جي ورهاست ڪندڙ ڊوائيس هولڊرز پاران عورتن کي ملندڙ رقم مان 500 سئو کان 1500 سئو تائين ڪٽوتيون ڪرڻ خلاف سوشل ميڊيا تي لکندڙ/ آواز اٿاريندڙ نوجوان جي گهر تي ڊوائيس مافيا پاران حملو ڪري گهر ڀاتين تي تشدد ڪيو ويو، هٿياربند مافيا جي فائرنگ ۾ نوجوان صفدر هاليپوٽو ۽ سندس والد عبدالستار هاليپوٽو زخمي ٿي پيا، فائرنگ ۾ مقامي صحافي ۽ سماجي ڪارڪن نوجوان صفدر کي ڄنگهن ۾ گوليون لڳڻ جي نتيجن ۾ سخت زخمي ٿي پيو. نوجوان صفدر کي حيدرآباد ۾ شروعاتي طبي امداد ڏيڻ کانپوءِ ڪراچي منتقل ڪيو ويو هو. نوجوان جي ڄنگهه ۾ گوليون لڳڻ سبب ڊاڪٽرن جري رپورٽ مطابق نوجوان جي گوڏي کان هيٺ ڄنگهه گوليون لڳڻ سبب ضايع ٿي  وئي آهي، جيڪا آپريشن ذريعي ڪٽي مريض کي وڌيڪ تڪليف کان بچائي سگهجي ٿو، جنهن بعد ڊاڪٽرن، صحافي ۽ سماجي ڪارڪن نوجوان صفدر هاليپوٽو جي گوڏي کان هيٺ ڄنگهه ڪپي ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان سڄي عمر لاءِ معذور بڻجي ويو آهي.

حملي جو مک جوابدار عرفان ڀٽو

گذريل جمعي واري ڏينهن حبيب بئنڪ جي ڪنيڪٽ اڪائونٽ ڊوائيس مافيا جي فرنچائيز عرفان ڀٽو سميت سندس دهشتگرد ساٿين خلاف پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ، ايف آءِ آر به داخل ڪرڻ سميت ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي. ان سلسلي ۾ معلوم ٿيو آهي ته پيپلزپارٽي حيدرآباد، سيوهڻ شهر ۽ ڄامشوري ضلعي جي اڳواڻن پاران معاملي ۾ مداخلت ڪري صفدر هاليپوٽو جي وارثن مٿان معاملو راڄوڻي نموني نبيرڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيا آهن.

About Ahmedbilal

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *