Saturday , April 27 2024

گذريل76سالن ۾ سنڌين وٽ سنڌ جي حق حاڪيمت رهي ڪڏهن آهي؟- اصغر آزاد

گذريل76سالن ۾ سنڌين وٽ سنڌ جي حق حاڪيمت رهي ڪڏهن آهي؟- اصغر آزاد

سنڌ ۾ نگران حڪومت جي قائم ٿيڻ کانپوءِ اهو ٻڙڌڪ شروع ٿي ويو آهي ته، گهوڙا ڙي گهوڙا سنڌين کان حق حاڪميت کسيو ويو آهي. سنڌ تي جڏهن انگريزن قبصو ڪري غلام بڻايو ان ڏينهن کان اڄ 19 آگسٽ 2023 تائين اُهو ڪهڙو ڏينهن رهيو آهي جڏهن سنڌ تي حقيقي معنيٰ ۾ سنڌين جي حق حاڪميت رهي آهي؟

سنڌ ۾ نگران حڪومت جي قائم ٿيڻ کانپوءِ اهو ٻڙڌڪ شروع ٿي ويو آهي ته، گهوڙا ڙي گهوڙا سنڌين کان حق حاڪميت کسيو ويو آهي. سنڌ تي جڏهن انگريزن قبصو ڪري غلام بڻايو ان ڏينهن کان اڄ 19 آگسٽ 2023 تائين اُهو ڪهڙو ڏينهن رهيو آهي جڏهن سنڌ تي حقيقي معنيٰ ۾ سنڌين جي حق حاڪميت رهي آهي؟ ٻيو سڀ ڪجهه پاسي تي ٿا رکي صرف گذريل 15سالن جو ئي جائزو وٺو. وڏي وزير کان کان وٺي چيف سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ، گهرو کاتي جي سيڪيريٽري، تعليم کاتي / اسڪول ۽ ڪاليج سائيڊ، يونيورسٽيز اينڊ بورڊز، صحت، معدني وسيلن واري کاتي، توانائي، خوراڪ، زراعت، روينيو، ناڻو کاتو ۽ آبپاشي سميت ڪهڙو کاتو هو جنهن جو وزير کان سيڪريٽري تائين سنڌي نه هو.

آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا کان غلام نبي ميمڻ تائين سنڌ پوليس ۾ ٻين صوبن جي ماڻهن کي ڀرتي نه ڪيو، پٺاڻن، پنجابين کي جعلي ڊوميسائيلز تي ڀرتي نه ڪيو ويو. جنهن پيپلزپارٽي جي حڪومت کي اوهان سنڌين جي حق حاڪميت واري حڪومت چئي يا سمجهي رهيا آهيو ڇا ان حڪومت ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن خاص طور تي گهوٽڪي، ڄامشورو، ڪراچي ڊويزن جي سمورن ضلعن خاص طور ڪياماڙي، ملير، سائوٿ ۽ ڪورنگي ۾ ٻين صوبن جي ماڻهن خاص طور تي پٺاڻن/افغانين کي ڊوميسائيل ٺهرائي نه ڏنا ويا؟.

سنڌين جي حق حاڪميت واري پيپلزپارٽي ملير، ڄامشورو، ڇا پيپلزپارٽي جي حڪومت، آصف زرداري حيدر آباد، مٽياري، نوابشاهه، نوشهرو فيروز کان گهوٽڪي تائين قومي شاهراهه / موٽروي جي ٻنهي پاسن کان قيمتي زمينون پنهنجي فرنٽ مينن، رٽائرڊ فوجين، پٺاڻن ۽ پنجابين کي وڪرو ڪري ڏيڻ ۾ مڪمل سهولتڪاري جو ڪردار ادا  نه ڪيو؟ ملير، ٺٽي، بدين ۽ سجاول ضلعن جي سامونڊي پٽي سميت انهن ضلعن اندر قيمتي زمينن تي قبضا ڪري يا ماڻهن کي ماري ڪٽي خريد نهن ڪيون ويون آهن؟ اوهان جي ان حق حاڪميت واري پيپلزپارٽي جي ئي دور ۾ سنڌ جا ٻيٽ چپ چپات ۾ وفاق حوالي نه ڪيا جيڪي سنڌ جي ماڻهن پاران سخت مخالفت ۽ احتجاج بعد وري واپس ورتا، پيپلزپارٽي جي شڪل ۾ سنڌين جي ان نام نهاد حق حاڪميت واري حڪومت ڀنگين جون نوڪريون به پنهنجي سفيد پوش ماڻهن کي نه ڏنيون جن سالن تائين گهر ويٺي سنڌ جي خزاني مان پگهارون کنيون؟

 

جناب؛ ڇا بحريا تائون، ڊي ايڇ اي سٽي، ڪمانڊر سٽي، اي ايس ايف هائوسنگ پروجيڪٽ، گلشن ۽ گهگهر ڦاٽڪ ويجهو پاڪستان جو سڀ کان وڏ ايئربيس ڪنهن آسمان تان لاهي ٺهرايا. اُهي زمينون جن ۾ هزارن جي تعداد ۾ قديمي ڳوٺن جي رهواسين کي بي گهر ڪيو ويو، قديمي آثار تباهه ڪيا ويا، پاڻي جي قدرتي لنگهه بند ڪري ملير جي زرخيز زمينن کي بنجر نه بڻايو ويو، ملير ۽ لياري ندي کي عملي طور دفن ناهي ڪيو ويو، جنهن سان نه رڳو ماحوليات پر سامونڊي جيوت ۽ تمر جا ٻيلا تباهه نه ڪيا ويا؟ ڇا اهو سڀ ڪجهه اوهان جي مطابق سنڌين جي ان حق حاڪميت ۾ ناهي ٿيو؟

سنڌ جي ماڻهن کي حق حاڪميت کسجڻ جو نشو پياريندڙ دانشور مون جهڙن اڌ پڙهيل ماڻهن کي ٻڌائي سگهندا ته کير ٿر نيشنل پارڪ وارو سڄو ايريا پيپلزپارٽي جي حڪومت بحريا ٽائون ۽ ڊي ايڇ اي جي فرنٽ آرگنائيزيشنز / بلڊرز کي ناهي وڪيو؟ 15 سالن دوران گور هل اسٽيشن لاءِ جاري ڪيل اربين رپين مان هڪڙو 30/40 ڪلوميٽر ڍنگ وارو رستو ٺهي سگهيو آهي؟ پيپلزپ پارٽي جي صورت ۾ حق حاڪميت جا دعويدار دانشور ٻڌائيندا ته؛ 15 سالن دوران هنن سنڌ جي ڪنهن هڪڙي يونين ڪائونسل آهي جنهن ۾ سموريون بنيادي انساني ضرورتن واريون سهولتون ميسر ڪري ڏنيون هجن؟

سنڌ ۽ سنڌين لاءِ جهڙي پيپلزپارٽي تهڙي هيءَ نگران حڪومت، جهڙو مراد علي شاهه تهڙو مقبول باقر، اسان غلام سنڌ جا غلام سنڌي آهيون جيڪي تي 1947 کانپوءِ گورن  انگريزن جي غلامن، وفادار سهولتڪارن ڪارن انگريزن جا غلام هئاسين ۽ پيپلزپارٽي جي قيام واري ڏينهن کانپوءِ انهن ڪارن انگريزن ۽ اسٽبلشمينٽ جي سهولتڪارن يعني پيپلزپارٽي جا به غلام آهيون، هن وقت سنڌ ٽيڻي غلامي واري بدترين دور مان گذري رهي آهي.

سنڌين جي حق حاڪميت وارن پيپلزپارٽي جي حڪمرانن اسٽبلشمينٽ ۽ ايم ڪيو ايم س ان گڏجي ايندڙ پنجن سالن جي حڪومت وٺڻ لاءِ جيڪو ويندي ويندي ڪاپاري ڌڪ هڻي ڪئنسر جو مرض رت ۾ شامل ڪري وئي آهي؛ اهو آهي ڊجيٽل آدمشماريءَ تي هنيل راتاهو.

About Ahmedbilal

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *