Sunday , April 28 2024

شهيد فاطمه ڦرڙو جي  قبرڪشائي، پوسٽ مارٽم ڪرڻ ۽ جزا  وٺڻ بعد ٻيهر مٽي ماءُ حوالي

خيرپور( خاص نمائندو  سنڌسماءَچار)  راڻيپور جي پيرن جي حويلي ۾ وحشياڻي تشدد ۾ شهيد ڪيل معصوم نياڻي فاطمه ڦرڙو جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ ۽ فرانزڪ رپورٽ لاءِ قبرڪشائي ڪري جزا ورتا ويا، شهيد نياڻي جو مڙهه ٻيهر مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. نوشهرو فيروز جي عدالت جي حڪم تي راڻيپور جي پيرن جي حويلي ۾ جنسي وحشت جو نشانو بڻائڻ بعد کيس تشدد ڪري چيچلائي چيلائي شهيد ڪيل معصوم نياڻي فاطمه ڦرڙو جي قبر ڪشائي ڪئي وئي، ڪنڊيارو جي مئجسٽريٽ جي نگراني هيٺ جوڙيل 6  رڪني ميڊيڪل بورڊ خانواهڻ جي ڳوٺ علي محمد ڦرڙو پهچي شهيد نياڻي جي قبرڪشائي ڪئي، پيپلز ميڊيڪل ڪاليج / پي ايم سي نوابشاهه جي ميڊيڪل سپرينٽينڊينٽ، پوليس سرجن سميت 6 رڪني ميڊيڪل بورڊ قبرڪشائي ڪري شهيد فاطمه جو پوسٽ مارٽم ڪري فرانزڪ رپورٽ لاءِ سندس جسم جا جزا به ورتا. جنهن بعد شهيد نياڻي فاطمه ڦرڙو جو مڙهه ٻيهر مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته نياڻي جي قبرڪشائيءَ وقت علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول ڇانيل رهيو، جيڪو جيئن جو تيئن برقرار آهي.

ميڊيڪل بورڊ جي سربراهه نياڻي جي جسم مان ورتل جزا ڪنڊيارو جي مئجسٽريٽ ۽ ميڊيڪل بورڊ جي ٻين ميمبرن جي سامهون سيل ڪيا ويا آهن جيڪي روهڙي جي ليبارٽري اماڻيا ويندا. روهڙي جي ليبارٽري مان جزن جي فرانزڪ رپورٽ اچڻ بعد تصديق ٿيندي ته ٻارڙي جو موت ڪيئن ٿيو؟ ڇا ساڻس جنسي ڏاڍائي به ڪئي وئي؟ ڇا  کيس نشي واري ڪا شئي به کيس کارائي/پيئاري وئي هئي؟

About Ahmedbilal

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *