Saturday , April 27 2024

سنڌ اسيمبلي؛ اڻپورو ڪورم هجڻ باوجود لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ ۾ ترميمن وارو بل منظور

ڪراچي( چيف رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ اسيمبلي ويندي ويندي قائدن ۽ ضابطن جي ابتڙ قانون سازي ڪري ڇڏي، مڪاني ادارن کي وڌيڪ اختيار ڏيڻ وارو بل به منظور. سنڌ اسيمبلي ۾ جنرل ۽ مخصوص سيٽن سميت 168 ميمبرن جي ايوان رڳو 30 ميمبرن جي موجودگي ۾ اجلاس ڪورم پورو نه  هجڻ ڪري اجلاس ملتوي ڪرڻ بدران قانون سازي ڪري بل به منظور ڪرائي ڇڏيو.

20هين جولاءِ تي اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيل سنڌي اسيمبلي  جي  اجلاس ۾، اسيمبلي جي 168 ميمبرن بدران رڳو 25 کان 30 ميمبر ايوان ۾ موجود هئا، جنهن دوران اسپيڪر سميت ايوان ۾ موجود ڪنهن به ميمبر ڪورم پورو هجڻ جي نشاندهي نه ڪئي. اجلاس ۾ پارلياماني معاملن واري وزير مڪيش ڪمار چاولا پران سنڌ لوڪل گورنمينٽ (ٻيو ترميمي) بل 2023 متعارف ڪرايو، جنهن جي اسپيڪر آغا سراج دراني اجازت ڏني، مڪاني ادارن جي اختيارن بابت بل حڪومتي ميمبرن پاران بل ۾ ڪيل ترميمن تي ڪا به وضاحت پڇڻ يا وضاحت ڪرڻ کانسواءِ پاس ڪري ڇڏيو ۽ اسپيڪر آغا سراج دراني بل منظور ڪرڻ جي رولنگ ڏئي ڇڏي.

سنڌ اسيمبلي مان منظور ڪيل لوڪل گورنمينٽ ترميمي بل 2023 ۾ اهم ترميمون اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتيون، ترميمي بل مطابق ميونسپل ڪارپوريشنز جي ميئر ۽ چيئرمينن کي وڌيڪ باختيار بڻائيندي کين اختيار ڏنا ويا آهن. بل موجب سنڌ جو ميئر يا چيئرمين مختلف سٽي ڪارپوريشنز ۽ ٻين سول ادارن جي ڊولپمينٽ اٿارٽيز جو سربراهه هوندو، جيڪي پنهنجي دائري ۾ اچن ٿيون. ڊولپمينٽ اٿارٽيز جا سمورا ملازم ڪائونسل جا ملازم تصور ڪيا ويندا ۽ انهن سان ڪائونسل جي سروس قاعدن مطابق سلوڪ ڪيو ويندو، ڪنهن به ملازم کي اهڙي ڊولپمينٽ اٿارٽي مان ڪارپوريشن يا ڪائونسل جي دائري هيٺ ڪنهن ٻئي اٿارٽي يا بورڊ ڏانهن منتقل نه ڪيو وڃي. بل موجب ڪراچي جو ميئر ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي، ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ، سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ ۽ ٻين ترقياتي ادارن جو چيئرمين به هوندو.

مڪاني ادارن جي ايڪٽ ۾ ڪيل ترميم مطابق شهر جو ميئر ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ ۽ سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو لاءِ ٽن نالن جي سفارش ڪرڻ جو به اختيار رکي ٿو. اهڙي طرح ٻين ڪارپوريشنن ۾ ميئر يا چيئرمين به پنهنجي پنهنجي دائري ۾ ڊولپمينٽ اٿارٽيز جو سربراهه هوندو ۽ اٿارٽيز جي چيف ايگزيڪيوٽوز لاءِ نالا تجويز ڪندو.

About Ahmedbilal

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *