Saturday , April 27 2024

ڪراچي جي سولجر بازار ۾ ڏيڍ سئو سال پراڻو تاريخي شري مري ماتا مندر ڊاهي ڇڏيو

سنڌسماءَچار پاران سومر ڏينهن منجهند ڌاري جڏهن ڊاٿل مندر ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته اتي موجود ڪجهه مشڪوڪ قسم جي ماڻهن پاڻ کي پوليس اهلڪار ڄاڻائيندي (سڀ سول ڪپڙن ۾ هئا) فوٽو ڪڍڻ ۽ ماڻهن سان ڳالهائڻ کان ڌمڪين واري انداز ۾ روڪيندي واپس موٽائي ڇڏيو.

ڪراچي (چيف رپورٽر    سنڌسماءَچار) بلڊر مافيا ڪراچي جي سولجر بازار واري علائقي ۾ هندو برادري جي عبادتگاهه ۽ ڏيڍ سئو سال قديمي ۽ تاريخي مندر کي ماڻهن ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو، چار ڏينهن گذرڻ باوجود شري مري ماتا مندر ڊاهڻ بابت اقليتي برادري جي پارليامينٽيرنز پاران اڃا تائين ڪنهن به قسم جو ردعمل سامهون ناهي اچي سگهو، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته مندر هڪ بلڊر اڏاوتي ڪم جي بهاني سان ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو.

بلڊر مافيا عمران هاشمي ڇنڇر جي رات جو دير سان بجلي بند هنجڻ دوران ڏيڍ سئو سال قديمي ۽ تاريخي، شري مري ماتا مندر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو، علائقي واسين ۽ هندو برادري جي ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته، هڪ انتهائي طاقتور بلڊر مافيا عمران هاشمي ۽ ريڪا عرف نگين ٻائي ملي ڀڳت ڪري هندو برادري کان مندر خالي ڪرايو ويو، جنهن  بعد رات جي اونداهي ۾ لوڊ شيڊنگ جي بهاني ساسن بجلي بند ڪرائي مندر کي ڊاٿو ويو.

ان سلسلي ۾ اڃا تائين هندو برادري جي نالي تي سنڌ اسيمبلي، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ سميت مڪاني ادارن ۾ ويٺل ڪنهن به نمائندي آواز ناهي اٿاريو ۽ نه ئي ڊاهي پٽ ڪيل مندر واري هنڌ جو معائنو ڪيو.

سنڌسماءَچار پاران سومر ڏينهن منجهند ڌاري جڏهن ڊاٿل مندر ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته اتي موجود ڪجهه مشڪوڪ قسم جي ماڻهن پاڻ کي پوليس اهلڪار ڄاڻائيندي (سڀ سول ڪپڙن ۾ هئا) فوٽو ڪڍڻ ۽ ماڻهن سان ڳالهائڻ کان ڌمڪين واري انداز ۾ روڪيندي واپس موٽائي ڇڏيو، انهن ئي ماڻهن موبائل فون به زبردستي آف / بند ڪرائي وئي.

About Ahmedbilal

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *