Sunday , April 28 2024

پاڪستان جا اڌ کان وڌيڪ پارليامينٽيرينز شراب پيئن ٿا

اسلام آباد ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) پاڪستان جا اڌ کان وڌيڪ پارليامينٽيرينز شراب پيئن ٿا، اقليتن جي آڙ ۾ شراب جي گُتن جا دڪان نه کوليا وڃن. سينيٽ جي گهرو وزارت بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس بابت مليل ڄاڻ مطابق، سينيٽر دنيش ڪمار اجلاس دوران ڳالهائيندي چيو ته، اساسن جي پارليامينٽ جا 50 سيڪڙو کان وڌيڪ پارليامينٽيرينز شراب واپرائيندا آهن، هن چيو ته شراب پيئڻ لاءِ اقليتن جو سهارو نه ورتو وڃي،نه ئي اقليتن جي نالي تي شراب جا گتا کوليا وڃن، شراب جي نالي تي اسان اقليتن کي بدنام ڪيو پيو وڃي. اجلاس دوران ڳالاهئيندي سينيٽر مشتاق احمد چيو ته هڪ سروي موجب اڍائي ڪروڙ پاڪستاني شراب پيئن ٿا، مقامي سطح تي پاڪستان اندر ۾ 82 ملين ليٽر شراب ٺاهيو وڃي ٿو، امپورٽيڊ شراب ۽ غيرقانوني طريقي سان ايندڙ پرڏيهي شراب جو ڪو اندازو ئي ناهي. سينيٽ ڪميٽي جي اجالس بابت مليل ڄاڻ مطابق، اجلاس دوران سينيٽر ۽ قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته سينيٽر مشتاق احمد جي ڳالهه درست ناهي، مشتاق احمد ته اڍائي ڪروڙ پاڪستانين کي شرابي بڻائي ڇڏيو، ڪٿي آهي رپورٽ اها ڏيو، اسان کي لسٽون ڏيو، اڍائي ڪروڙ شرابين خلاف ڪارروائي ڪنداسين. قانون واري وزير چيو ته، هن معاملي کي سنجيدگي سان ڏسڻ جي ضرورت آهي، شراب بند ٿيڻ بعد آئيس ۽ هيروئن به مارڪيٽ ۾ آئي.

About Ahmedbilal

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *