Sunday , April 28 2024

پيپلزپارٽي سنڌ ۾ ميئرز، ڊپٽي ميئرز، چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي اميدوارن جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر    سنڌسماءَچار) ڪراچي جو ميئر مرتضيٰ وهاب، ڊپٽي ميئر سلمان عبدالله مراد بلوچ، سکر لاءِ ارسلان شيخ کي ميئر ۽ ڊاڪٽر ارشد مغل کي ڊپٽي ميئر هوندو، لاڙڪاڻي جي ميئر لاءِ محمد انور لُهر ۽ ڊپٽي ميئر لاءِ محمد امين شيخ پيپلاپرٽي جا اميدوار هوندا، پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نامزد ڪيل اميدوارن جي نالن جو اعلان ڪري ڇڏيو، تفصيلي رپورٽ مطابق،  مرتضيٰ وهاب ڪراچي جو ميئر ۽ سلمان عبدالله مراد بلوچ ڊپٽي ميئر لاءِ پيپلزپارٽي جا اميدوار نامزد ڪيا ويا آهن، حيدر آباد جو ميئر ڪاشف شورو ۽ ڊپٽي ميئر صغير قريشي هوندو، نثار کهڙو نالن جو اعلوان ڪندي چيو ته سکر لاءِ ارسلان شيخ کي ميئر ۽ ڊاڪٽر ارشد مغل کي ڊپٽي ميئر لاءِ اميدوار نامزد ڪيو ويو آهي، ميرپور خاص لاءِ عبدالرئوف غوري ميئر ۽ جنيد بلند ڊپٽي ميئر نامزد، لاڙڪاڻي جي ميئر لاءِ محمد انور لُهر ۽ ڊپٽي ميئر لاءِ محمد امين شيخ جي چونڊ، پيپلزپارٽي شهيد بينظير آباد جي ميئر لاءِ قاضي رشيد ۽ ڊپٽي ميئر لاءِ مبشر آرائين اميدوار هوندو.

ضلعي ڪائونسل سکر جي چيئرمين لاءِ صوبائي وزير ناصر شاهه جو پٽ سيد ڪُميل حيدر شاهه ۽ وائيس چيئرمين پ پ جي اڳوڻي ايم پي اي ۽ علي انور خان مهر جو پٽ اختر مهر پ پ جا اميدوار هوندا. ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻي جي چيئرمين لاءِ اعجاز احمد لغاري ۽ وائيس چيئرمين لاءِ اسد الله ڀٽو کي نامزد ڪيو ويو آهي، پيپلزپارٽي پاران ضلع ڪائونسل جيڪب آباد جي چيئرمين لاءِ طاهر کوسو ۽ وائيس چيئرمين لاءِ رضوان اوڍو کي پ پ جا اميدوار نامزد ڪيو ويو آهي، پپيلزپارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته شڪاپور ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين لاءِ ذوالفقار ڪماريو ۽ وائيس چيئرمين لاءِ ڪامران مهر جو نالو فائنل ڪيو ويو آهي، ميونسپل ڪميٽي شڪارپور جي چيئرمين لاءِ فياض شيخ ۽ وائيس چيئرمين لاءِ وسيم صديقي جي نالن جي چونڊ ڪئي وئي آهي.

ڪشمور ضلع ڪائونسل لاءِ  مير گل محمد جکراڻي چيئرمين ۽ الطاف کوسو وائيس چيئرمين جو اميدوار نامزد، ضلع ڪائونسل گهوٽڪي جي چيئرمين لاءِ بنگل خان مهر ۽ وائيس چيئرمين لاءِ بابر خان لُنڊ جي نالن جو اعلان، ضلع ڪائونسل نوشهرو فيروز لاءِ سهيل احمد عباسي چيئرمين ۽ علي شير ڀرٽ وائيس چيئرمين جو اميدوار هوندو، ميونسپل ڪميٽي نوشهرو فيروز لاءِ پير قربان، وائيس چيئرمين لاءِ ڪاشف ميمڻ جو نالو فائنل، شوڪت شيراز راڄپر خيرپور ضلع ڪائونسل جي چيئرمين ۽ فهد علي شاهه جيلاني وائيس چيئرمين جا اميدوار هوندا، ميونسپل ڪميٽي خيرپور لاءِ يار محمد ڦلپوٽو کي چيئرمين ۽ منير منگي کي وائيس چيئرمين جي اميدوار نامزد ڪيو ويو آهي. ناثر کهڙو چيو ته ميونسپل ڪارپويشن سانگهڙ جي چيئرمين شپ علي حسن هڱورجو حوالي ڪئي وئي آهي ۽ ڄام رحيم وائيس چيئرمين جو اميدوار هوندو، ضلع ڪائونسل ميرپور خاص لاءِ انور ٽالپر چيئرمين ۽ مير احمد خان وائيس چيئرمين جا اميدوار نامزد، ضلع ڪائونسل ٿرپارڪر جي چيئرمين لاءِ غلام حيدر سميجو ۽ وائس چيئرمين لاءِ ڪملا ڀيل جي چونڊ ڪئي وئي، ضلع ڪائونسل سجاول جو چيئرمين دانش ملڪاڻي ۽ وائيس چيئرمين رميزالحق زنئور نامزد، بدين ضلع ڪائونسل لاءِ علي اصغر هاليپوٽو چيئرمين ۽ فدا منڌرو وائيس چيئرمين لاءِ پ  پ اميدوار هوندو، دادو ضلع ڪائونسل لاءِ چيئرمين سيد محمد شاهه ۽ وائيس چيئرمين لاءِ شير محمد چانڊيو جي چونڊ ڪئي وئي، مٽياري لاءِ ضلع ڪائونسل جو چيئرمين مخدوم احمد زمان ۽ سيد علي مرتضيٰ وائيس چيئرمين جو اميدوار هوندو، ضلع ڪائونسل ڄامشورو لاءِ سهيل شورو چيئرمين ۽ امان الله شاهاڻي جو نالو وائيس چيئرمين لاءِ فائنل، ضلع ڪائونسل ٽنڊو الهيار لاءِ مير پپو ٽالپر چيئرمين ۽ درياخان مري وائيس چيئرمين هوندو، قمبر-شهدادڪوٽ لاءِ قمر الدين گوپانگ چيئرمين ۽ غلام محمد اسراڻ وائيس چيئرمين لاءِ اميدوار نامزد، ضلعي ڪائونسل ٺٽي جي چيئرمين لاءِ حميد پنهور ۽ وائيس چيئرمين لاءِ ممتاز جلباڻي جي نالن جو اعلان.

ملير ٽائون لاءِ جان محمد بلوچ چيئرمين ۽ مزمل شاهه وائيس چيئرمين لاءِ نامزد، گڏاپ ٽائون لاءِ طارق بلوچ چيئرمين ۽ ڄام محمد جوکيو وائيس چيئرمين جو اميدوار هوندو، بلديا ٽائون ۾ عبدالڪريم آسڪاڻي چيئرمين لاءِ پ پ جو اميدوار هوندو، اورنگي ٽائون لاءِ جميل ضياءُ چيئرمين ۽ آفاق صغير صديقي وائيس چيئرمين جو اميدوار نامزد، منگهو پير ٽائون لاءِ حاجي نواز بروهي کي چيئرمين ۽ محمد عارف کي وائيس چيئرمين نامزد ڪيو ويو، مورڙو ميربحر ٽائون جي چيئرمين لاءِ علي اڪبر وائيس چيئرمين لاءِ شوڪت بلوچ جي چونڊ ڪئي وئي، لياري ٽائون جي چيئرمين لاءِ ناصر ڪريم بلوچ، ڪورنگي ٽائون لاءِ ايم نعيم شيخ، صفوران ٽائون لاءِ ڪليم الله خاصخيلي، چنيسر ٽائون لاءِ فرحان غني ۽ ابراهيم حيدري لاءِ نذير ڀٽو جو نالو فائنل ڪيو ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *