Saturday , April 27 2024

شهيد صدام لاشاري جي وارثن پاران پوليس جي جاچ تي بي اعتمادي ظاهر، عدالتي جاچ جو مطالبو

جيڪب آباد ( خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) بااثر ماڻهن جي هُشي تي جيڪب آباد /ٺل پوليس پاران جڙتو مقابلي ۾ شهيد ڪيل صدام لاشاري جي وارثن پوليس جي جاچ ڪميٽي تي بي اعتمادي جو اظهاري ڪري ڇڏيو، معاملي جي عدالتي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ جيڪب آباد ويجهو شڪي پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان صدام لاشاري واري معاملي جي جاچ لاءِ آءِ جي سنڌ پاران جوڙيل جاچ ڪميٽي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، ايس ايس پي شڪارپور امجد شيخ جي سربراهي ۾ جوڙيل جاچ ڪميٽي ٺُل ۾ پهچي وارثن سان ملاقات ڪي بيان قلمبند ڪيا، جاچ ڪميٽي شهيد صدام لاشاري جي ڀينرن حسينا ۽ رشيدان لاشاري ڪميٽي آڏو پيش تي بيان قلمبند ڪرائيندي چيو ته، اسان جي ڀاءُ کي پوليس حق ۽ سچ ڳالهائڻ تان بااثر ماڻهن جي چوڻ تي بيگناهه قتل ڪيو ويو، حسينا ۽ رشيدان لاشاري جاچ ٽيم آڏو پاڪ ڪتاب کڻي دانهيندي چيو ته پوليس ڪوڙي مقابلي ۾ صدام کي قتل ڪري ناحق ڪيو آهي.

سندن چوڻ هو ته ايس ايڇ او ٺُل غلام نبي بجاراڻي سميت ٻيا پوليس عملدار پنهنجي ڊيوٽين تي موجود آهن، هنن چيو ته کين پوليس جي جاچ ڪميٽي تي کين ڪو به اعتبار ناهي، صدام جي ناحق خون جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي. واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي، جاچ ٽيم آڏو صدام لاشاري جي دوست مشتاق کوسو به بيان قلمبند ڪرائيندي چيو ته صدام لاشاري سان گڏ هئس، جنهن دوران ايس ايڇ او ٺُل غلام نبي بجاراڻي کيس کنڀي کڻي ويو هو.

وڊيو ڪي ٽي اين نيوز جي ٿورن سان

ان موقعي تي جاچ ڪميٽي جي سربراهه ۽ ايس ايس پي شڪارپور امجد شيخ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته صدام لاشاري جي معاملي جي شفاف جاچ ڪري حقيقتون عوام آڏو آڻينداسين، جيڪڏهن صدام کي ناحق قتل ڪيو ويو آهي ته وارثن سان انصاف ڪيو ويندو، ملوث اهلڪارن کي سزا  به ملندي، صدام لاشاري جي معاملي جي جاچ ۾ ڪو به دٻاءُ  قبول نه ڪنداسين. هن دعويٰ ڪندي چيو ته ڀلي ڪير ڪهڙِي به عهدي تي ويٺل هجي، شڪ جي دائري ۾ ايندا ته کين گهرائينداسين، اطلاع آهن ته صدام لاشاري تي لاڪپ ۾ تشدد به ٿيو هو، ان جي به جاچ ڪئي ويندي، صدام جون وائرل ٿيل آڊيوز جي تصديق لاءِ ايف آءِ اي کي لکيو آهي، جاچ دوران وارثن جو موقف به ٻڌو ويندو، مقابلي ۾ شامل اهلڪارن جا بيان به ورتا ويندا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *