Sunday , April 28 2024

ملير ۾ ٻه پورهيت گٽر صاف ڪندي فوت، هڪ بيهوش

ملير ( خاص نمائندو سنڌسماءَچار ) گٽر جي صفائي ڪرڻ دوران ساهه ٻوساٽجڻ جي نتيجي ۾ 2 پورهيت فوت ٿي ويا، سندن هڪ ساٿي بيهوش ٿي ويو، فوتي پورهيتن جا مڙهه ۽ بيهوش کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. پورٽ قاسم جي صنعتي علائقي ۾ نجي ڪمپني جي گٽر جي صفائي ڪرڻ دوران ساهه ٻوساٽجڻ سبب پورهيت ڪَرن ۽ راهول فوت ٿي ويا، هڪ پورهيت بيهوش ٿي ويو، جنهن جي آخري اطلاعن تائين سڃاڻپ نه ٿي سگهي. ان ڏس ۾ وارثن جو چوڻ آهي ته پورٽ قاسم جي هڪ فلور ملز ٽنهي ڄڻن کي گٽر جي صفائي لاءِ گهرايو هو، صفائي دوران ڪَرن ۽ راهول فوت فوت ٿي ويا، سندن هڪ ساٿي پورهيت بيهوش ٿي ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته اطلاع ملڻ تي واقعي واري هنڌ پهچي ريسڪيو رضاڪارن جي مدد سان ٻن پورهيتن جا لاش ۽ هڪ بيهوش ٿي ويل پورهيت کي ڪڍي جناح اسپتال منتقل ڪيو آهي، بيهوش ٿيل پورهيت جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي، سندس علاج جاري آهي. پوليس ضروري ڪارروائي ڪرائڻ بعد فوتي پورهيتن جا لاش وارثن جي حوالي ڪري ڇڏيا. ٻئي طرف معلوم ٿيو آهي ته فلور ملز انتظاميا معاملي کي لئي مٽ ڪرڻ جي ڪوششن ۾ آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *