Saturday , April 27 2024

نواز شريف، آصف زرداري، شهباز شريف، شرجيل ميمڻ خلاف ڪرپشن ڪيس بحال، نيب ترميمون رد

سپريم ڪورٽ نيب ترميمي بل ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏي، ن ليگ، پيپلزپارٽي، پي ٽي آءِ، جي يو آءِ، فنڪشنل ليگ سميت سمورين پارٽين جي اڳواڻن، اڳوڻن وزير، ڪامورن ۽ خانگي ماڻهن خلاف ختم ڪيل ڪيس، بند ڪيل انڪوائريز ۽ انويسٽيگيشنزٻيهر بحال

اسلام آباد ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي درخواست منظور ڪندي، نيب ترميمي بل جون اهم شقون ختم ڪري ڇڏيون، ٽَي رڪني بئنچ مان جسٽس منصور علي شاهه جو فيصلي سان اختلاف؛ 50 ڪروڙ رپين تائين جي ڪرپشن جا بند ڪيل يا اهڙن ڪرپشن ريفرنسز مان آجج قرار ڏنل، آصف زرداري، نواز شريف، شهباز شريف، ڊاڪٽر عاصم حسين، شرجيل ميمڻ، آغا سرااج دراني سميت 400 کان وڌيڪ سياستدانن ۽ ڪاامورن خلاف ڪيسز ٻيهر بحال ٿي ويا، عمران خان، شوڪت ترين سميت پي ٽي آءِ جي اڳوڻي حڪومت جا اهم وزير به نشاني تي اچي ويا.

سپريم ڪورٽ جَي چيف جسٽس عمر عطا بنديال، جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس منصور علي شاهه تي مشتمل ٽَي رُڪني بئنچ، نيب ترميمي بل ڪيس ۾ محفوظ فيصلو ٻڌائيندي نيب ترميمن خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست ٻڌڻي جوڳي قرار ڏيندي نيب قانون ۾ ڪيل اهم ترميمون ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. فيصلي سان بئنچ ۾ شامل هڪ جج جسٽس منصور علي شاهه فيصلي سان اختلاف ڪندي پنهنجو ڌار اختلافي نوٽ به لکيو آهي.

سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ نيب ترميمي قانون ۾ 50 ڪروڙ رپين تائين ڪرپشن جي ڪيسز جي انڪوائري، انويسٽيگيشن ۽ ريفرنسز داخل ڪري ڪيس هلائڻ واري ختم ڪيل شق کي بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن سان 50 ڪروڙ رپين تائين جي ڪيسز بابت نيب جو پراڻو اختيار بحال ڪيو ويو آهي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي مطابق عوامي ۽ انتظامي عهدن تي موجود يا اڳوڻن آفيسرز، سياستدانن خلاف مختلف ڪيٽيگريز ۾ بند ڪيل سمورا ڪيس بحال ٿي ويا آهن، انهن ڪيسز سان لاڳاپيل انڪوائريز، انويسٽيگيشنز، لاڳاپيل عدالتن ۾ هلندڙ نيب ڪرپشن ريفرنسز توڙي انهن ساان لاڳاپيل ٻيون ڪارروايون بهال ٿي ويون آهن، اُهي سمورا ڪيس جيڪي نيب ترميمن سبب بند ڪيا ويا هئا؛ اُهي اتان کان شروع ٿي ويندا جتي بند ڪيا ويا هئا؛ فيصلي سان نيب عدالتن ۾ ترميم کانپوءِ بند يا ختم ڪيل ڪيس به بحال ٿي ويا آهن. فيصلي ۾ سپريم ڪورٽ سمورين لاڳاپيل عدالتن کي هڪ هفتي اندر اُهي سمورا ڪيس ٻيهر احتساب عدالتن ۾ داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالتي فيصلي مطابق نيب کي 50 ڪروڙ رپين کان گهٽ جي ڪرپشن ڪيسن جي جاچ جي اجازت ملي وئي آهي،فيصلي ۾ نيب ترميمن ڪيل هڪ شق بحال رکي وئي آهي جنهن ۾ سروس آف پاڪستان خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جو چيو ويو آهي.

شهيدن جو وارث سڏائيندڙ بلاول ڀٽو زرداري، شهيد فاطمه ڦرڙو جي وارثن سان تعزيت به نه ڪئي

About Ahmedbilal

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *