Saturday , April 27 2024

اومني گروپ، مراد علي شاهه، خورشيد شاهه ۽ ڊاڪٽر عاصم خلاف ڪرپشن ڪيسز کولڻ جون تياريون

ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ جاويد اشرف قاضي، ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سعيد زمان، ميجر جنرل رٽائرڊ حامد حسن بٽ ۽ برگيڊيئر رٽائرڊ اختر علي خلاف ريلوي گالف ڪلب ڪرپشن ڪيس به ٻيهر کوليو ويندو

نواز شريف، يوسف رضا گيلاني، راجا پرويز اشرف، شوڪت عزيز، چوڌري پرويز الاهي، عمران خان خلاف تونشه خانه ڪيسن سميت بند ڪيل سمورا ڪيس ٻيهر کوليا ويندا. اڳوڻي صدر آصف زرداري، اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، مريم نواز، سلمان شهباز، نصرت شهباز جا ڪيس به ٻيهر کوليا ويندا

ڪراچي( رپورٽ: آفاق ڀٽي   سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ پاران نيب ترميمون ختم ڪرڻ واري فيصلي کانپوءِ نيب بند ڪيل هڪ هزار کان وڌيڪ ڪرپشن ريفرنسز، انويسٽيگيشنز ۽ انڪوائريز ٻيهر کولڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن، پيپلزپارٽي، ن ليگ، پي ٽي آءِ، ق ليگ، باپ پارٽي، جي يو آءِ، فنڪشنل ليگ جي اڳواڻن خلاف بند پيل سمورا ڪيس ٻيهر کوليا ويندا، آصف زرداري، نواز شريف، شهباز شريف، يوسف رضا گيلاني، راجا پرويز اشرف، عمران خان، شاهد خاقان عباسي، مريم نواز، بلاول ڀٽو زرداري، سلمان شهباز، نصرت شهباز، شرجيل ميمڻ، مراد علي شاهه سميت14اڳوڻا وزيراعظم، چئني صوبن جا اڳوڻا وڏا وزير، اڳوڻا وفاقي ۽ صوبائي وزير، صلاحڪار ۽ مشير به سپريم ڪورٽ جي فيصلي سبب متاثر ٿيا آهن.

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ ٽَي رڪني بئنچ پاران نيب ترميمن کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي اهڙي فيصلي کانپوءِ نيب اختيارين بند ڪيل ڪيس ٻيهر کولڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. انس سلسلي ۾ نيب سنڌ جي هڪ اهم ذميوار آفيسر سنڌسماءَچار کي ٻڌايو ته “اسان کي نيب هيڊڪوارٽرز مان بند ڪيل ڪرپشن ريفرنسز، انڪوائريز ۽ انويسٽيگيشنز جا سمورا تفصيل مهيا ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي”.

ڇا نيب هيڊڪوارٽرز مان ڪو اهڙو ليٽر وغيره جاري ٿيو آهي؟ واري سوال جي جواب ۾ نيب عملدار جو چوڻ هو ته، “ اسان کي في الحال ته ڪو به ليٽر جاري ناهي ٿيو، صرف زباني هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، ممڪن آهي ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو لکت ۾ جاري ٿيڻ ۽ ان جي سرٽيفائيڊ ڪاپي حاصل ڪرڻ بعد نيب هيڊوارٽرز مان باضابطه طور سمورن صوبائي هيڊڪوارٽرز سميت نيب جي لاڳاپيل ڊائريڪترز ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽرز کي لکت ۾ اهڙو حڪم جاري ڪيو وڃي، امڪان آهي ته سومر تائين اهڙي ڪارروائي مڪمل ٿي ويندي”.

ان سلسلي ۾ معلوم ٿيو آهي ته نيب پاران نيب ترميمن بعد بند ڪيل بند ڪيل هڪ هزار کان وڌيڪ ڪرپشن ريفرنسز، انويسٽيگيشنز ۽ انڪوائريز سپريم ڪورٽ جي فيصلي اچڻ ٻيهر کولڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن، پيپلزپارٽي، ن ليگ، پي ٽي آءِ، ق ليگ، باپ پارٽي، جي يو آءِ، فنڪشنل ليگ جي اڳواڻن خلاف بند پيل سمورا ڪيس ٻيهر کوليا ويندا. مجموعي طور نيب 4 هزار 800 ڪيسن جي جاچ ڪئي وئي، نيب 1999 کان 2023 تائين حڪومت کان 57 ارب رپين کان وڌيڪ جي رقم پلي بارگين ذريعي الزام هيٺ آيل ماڻهن کان واپس وٺي قومي خزاني ۾ جمع ڪرايا هئا.

سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِاڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، يوسف رضا گيلاني، راجا پرويز اشرف، شوڪت عزيز، چوڌري پرويز الاهي، عمران خان خلاف تونشه خانه ڪيسن سميت بند ڪيل سمورا ڪيس ٻيهر کوليا ويندا. اڳوڻي صدر آصف زرداري، اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، مريم نواز، سلمان شهباز، نصرت شهباز جا ڪيس به ٻيهر کوليا ويندا، ڊاڪٽر عاصم حسين، اومني گروپ آف ڪمپنيز خلاف به ڪيسز ٻيهر کوليا ويندا.

نيب اختيارين اڳوڻي وڏي وزير مراد علي شاهه، عثمان بوزدار، عبدالقدوس بزنجو، سيد قائم علي شاهه، حيدر اعظم هوتي خلاف به بند ڪيل ڪيسز ٻيهر کولڻ جون تياريون شروع ڪيون ويون آهن. پرويز خٽڪ، محمود عباس، خٽڪ، ثناءُ الله زهري خلاف به ڪيسز کوليا پيا وڃن. سيد خورشيد شاهه، نويد قمر،
خواجه آصف، عاطف خان، خواجا سعد رفيق، سبطين خان، عليم خان، شهرام ترڪئي، خسرو بختيار، هاشم جوان بخت، نصرالله دريشڪ، حنارباني کھر، جعلي اڪائونٽس ڪيس، پارڪ لين ڪيس، چوڌري شگر ملز سميت 40 اڳوڻن وزيرن تي ڪيس شامل آهن. نيب ذريعن مطابق شگر ملز ڪيس، هيلي ڪاپٽر ڪيس، اومني گروپ ڪيس سميت سمورا اهم ڪيس ٻيهر کوليا ويندا.

نيب ذريعن موجب نيب ترميمن سبب 2019 کان اڳوڻي پارليامينٽ ميمبرن ۽ حاضر سروس ۽ رٽائرڊ آفيسرن خلاف لڳ ڀڳ 1809 ريفرنس، انڪوائريون، انڪوائريون ۽ شڪايتون رولڙي جو شڪار ٿي ويون هيون، جيڪي سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ بيهر کُلي وينديون، جن تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي. نيب وٽ موجود ريفرنسز، جاچ ۽ انڪوائرين ۾700 ارب روپين جا ڪيس شامل آهن،460 ريفرنسز270 انويسٽيگيشن، 456 انڪوائريون ۽ 623 شڪايتن جي جاچ ڪئي ويندي، جن مان فائدو وٺندڙن ۾ پاڪستان جا 7 اڳوڻا وزيراعظم به شامل آهن.

نيب اختيارين جي دعويٰ آهي ته ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ جاويد اشرف قاضي، ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سعيد زمان، ميجر جنرل رٽائرڊ حامد حسن بٽ ۽ برگيڊيئر رٽائرڊ اختر علي خلاف ريلوي گالف ڪلب ڪرپشن ڪيس به ٻيهر کوليو ويندو.

نيب رڪارڊ موجب ٽي هزار 809 شڪايتون جاچ جي مرحلي ۾ آهن، نيب رڪارڊ موجب 880 انڪوائريون هلندڙ آهن، جن  مان 276 ڪيس اڃا جاچ هيٺ آهن، هيل تائين نيب کي5 هزارن کان وڌيڪڪرپشن جون شڪايتون ملي چڪيون آهن.

شهيدن جو وارث سڏائيندڙ بلاول ڀٽو زرداري، شهيد فاطمه ڦرڙو جي وارثن سان تعزيت به نه ڪئي

 

About Ahmedbilal

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *