Sunday , April 28 2024

ميهڙ واقعي جا جوابدار گرفتار ڪرڻ ۾ سنڌ حڪومت رڪاوٽ بڻيل آهي:جلال محمود شاهه

ڪراچي( سنڌسماءَچار نيوز) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه چيو آحي ته، مهيڙ ۾ پيءُ ۽ سندس ٻن پٽن جو قتل وڏيرڪي، جهالت ۽ سرداري ذهنيت جو نتيجو آهي، سياسي مخالفن کي برداشت نه ڪرڻ ۽ قانون جي حڪمراني نه هجڻ جو نتيجو آهن، جنهن کي مهذب معاشري ۾ برداشت نه ٿو ڪري سگهجي. ڪرم الله چانڊيو ۽ ان جي ٻن پٽن جي قاتلن کي جلد گرفتار ڪيو وڃي. سيدجلال محمود شاهه وڌيڪ چيو آهي ته سنڌ جي آبادي شهرن ڏانهن وڌي چڪي آهي، سنڌ جي هر ننڍي وڏي شهرکي تعليم، ترقي، ڪاروبار جو مرڪز بڻجڻ گهرجي پر افسوس آهي ته سنڌ جو حڪمران ٽولو چند وڏيرن ۽ رشوت خور ڪامورن ذريعي سنڌ جي معاشري کي يرغمال بڻائي ڇڏيو آهي. سنڌ حڪومت جي جانبداري ۽ عوام دشمني ميهڙ ۽ مٺي ۾ ڪهرام مچائيندڙ ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ ۾ رڪاوٽ وجهي رهي آهي. ايس يو پي سربراهه سيد جلال محمود شاهه ملير ضلعي جي سابق ايس ايس پي رائو انوارجي ڪردار تي ڳالهائيندي چيو آهي ته رائو انوار کي جلد گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، ڇو ته هـُو عدالت کان مٿاهين قتل ۾ ملوث رهيو آهي.ساڳئي وقت زمينن تي قبضا ڪرڻ، ڦرلٽ، رشوت خوري ۽ بحريا ٽائون جي مدد ۾ مقامي ماڻهن جي ڳوٺن کي ڊاهڻ ۾ شامل رهيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جي ڪٺ پتلي وزيراعليٰ جو چپ رهڻ معنيٰ خيز آهي. هن چيو آهي ته سنڌ جي وزير داخلا کي اخلاقي طور استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي. هن چيو آهي ته جمهوري سياست جو بنياد مقبوليت تي هوندو آهي پر پ پ جو حڪمران ٽولو حڪومتي طاقت جي زور تي گهڻو وقت سنڌ کي پنهنجي قبضي ۾ نه ٿو رکي سگهي. هن سنڌ جي سياسي سماجي ۽ سجاڳ ڌرين جي تعريف ڪئي آهي، جيڪي سنڌ ۾ ٿيندڙ ظلم، جبر ۽ بدامني خلاف سراپا احتجاج آهن. هن سنڌ  يونائيٽيڊ پارٽي جي ڪارڪنن ۽ عهديدارن کي چيو آهي ته هـُو عوام سان گڏجي حڪمران ڌرين خلاف وڌندڙ نفرت کي جدوجهد ۾ تبديل ڪن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *