Sunday , April 28 2024

سرداري نظام خلاف بغاوت ڪرڻ تي ڏاڏي ۽ چاچن کي شهيد ڪيو ويو: صدا حسين چانڊيو

ڪراچي( رپورٽر   سنڌ سماءَ چار) ميهڙ ۾ حملي دوران مارجي ويل ڪرم الله چانڊيو جي پوٽي صدا حسين چانڊيو چيو آهي ته، برادري ۽ علائقي واسين ۾ سياسي شعور پيدا ڪري سرداري ۽ وڏيرڪي سوچ خلاف بغاوت تي منهنجي ڏاڏي ۽ چاچن کي بيدردري سان ماريو ويو آهي. ميهڙ هڪ ڀيرو ٻيهر جنرل ضياءَ جي مارشل لاءِ وارا ڏينهن اچي ويا آهن،جوابداارن جي گرفتاري تائين سُک نه ويهنداسين، سپريم ڪورٽ معاملي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي.

صدا حسين چانڊيو ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڏاڏي ڪرم الله چانڊيو ۽ چاچي جو ڏوهه صرف اهو هو ته هنن علائقي ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان قائم سرداري نظام ۽ وڏيرڪي سوچ خلاف بغاوت ڪري پنهنجي برادري توڙي ٻين ماڻهن ۾ سياسي سوچ پيدا ڪري وڏيرن ۽ سردارن جي ظلمن خلاف آواز اٿارڻ جي همٿ پيدا ڪئي. هن چيو ته، منهنجي ڏاڏي جيڪو سردارن جي غلامي خلاف آواز بلند ڪيو ان کي جاري رکيو ويندو ۽ سردارن جي ڪرتوتن کي عوام آڏو آڻيندا رهنداسين.

صدا حسين چانڊيو چيو ته، ايف آءِ آر ۾ سردار چانڊيو، برهان چانڊيو نامزد ٿيل آهن پر افسوس جو کين گرفتار ڪرڻ لاءِ 9 ڏينهن تائين سنڌ پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو. مختلف بهانا ڪري جوابدارن کي ضمانت حاصل ڪرڻ جا موقعا ڏنا ويا. صدا چانڊيو چيو ته منهنجي ڏاڏي سرداري نظام خلاف جيڪو بغاوت ۽ غريب ماڻهن جي حقن لاءِ علم بلند ڪيو هو ان کي هُن پٽن سميت رت جو ريج ڏئي وفا ڪئي، اسان به حق ۽ سچ جي ان علم کي کڻي هلنداسين ۽ فتح نيٺ سچ جي ٿيندي. هن سنڌ جي سڄاڻ ڌرين پاران سندن ساٿ ڏيڻ تي به ٿورا مڃيندي چيو ته ميهڙ سانحي سنڌ ۾ ضياءَ جي مارشل لاجو دور تازو ڪري ڇڏيو آحي، جنهن خلاف به ميهڙ جي عوام پاڻ ملهايو هو ۽ هاڻي به جدوجهد جي ميدان ۾ آهي ۽ سرداري راڄ جي خاتمي تائين جدوجهد جاري رهندي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *