Saturday , April 27 2024

ميهڙ سانحو:ڪرم الله چانڊيو، قابل ۽ مختيار جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف سڄاڻ ڌريون ميدان ۾ نڪري پيون

دادو ( خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) ميهڙ ۾ 9 ڏينهن اڳ حملي ۾ شهيد ٿي ويل 3 ڄڻن جي قتل ۾ ملوث بااثر جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف نيٺ سنڌ جون سڄاڻ ڌريون ميدان ۾ نڪري پيون آهن. ڪراچي، حيدر آباد، لاڙڪاڻو ۽ دادو سميت مختلف شهرن مان شاعر، اديب، فنڪار ۽ مختلف سياسي پارٽين جي ڪارڪنن ڌار ڌار قافلن جي صورت ۾ مهيڙ پهتا، جتي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ريلي ڪڍي، جامي چانڊيو، بيدل مسرور، پرويز چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گهنٽا گهر چوڪ تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. 5 ڪلاڪن تائين جاري ڌرڻي دوران احتجاج ڪندڙن ڪرم الله، قابل ۽ مختيار چانڊيو جي قاتلن خلاف نعريبازي ڪئي. ڌرڻي تي ويٺل ماڻهن جوابدارن جي گرفتاري کان ڪن لاٽار ڪرڻ تي پوليس ۽ سنڌ حڪومت سميت ايف آءِ آر ۾ نامزد جوابدار پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو، اڳوڻي صوبائي صلاحڪار برهان چانڊيو ۽ ٻين خلاف به نعري بازي ڪئي.

احتجاجي ڌرڻي کي جامي چانڊيو، بيدل مسرور، پرويز چانڊيو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته، ڪرم الله چانڊيو سميت ٽنهي ڄڻن کي قتل ناهي ڪيو ويو پر، سرداري نظام ۽ وڏيرڪي سوچ سان بغاوت ڪندڙن کي راهه تان هٽائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي آهي. هي صرف هڪ گهر جي ٽن ڀاتين جون قتل ناهي پر اهو جاگيرداراڻي نظام کان بغاوت ۽ سرداري نظام خلاف سنڌ ۾ تازي پيدا ٿيل سوچ تي وار برابر آهي. هنن چيو ته، ڪيس جي ايف آءِ آر داخل ٿيل آهي، جنهن ۾ سمورا جوابدار نامزد ٿيل آهن. انهن جوابدارن ۾ مک جوابدار پيپلز پارٽي جو ايم پي اي سردار چانڊيو، اڳوڻو صوبائي صلاحڪار برهان چانڊيو ۽ ٻيا شامل آهن ۽ ناليوار ايف آءِ آر داخل ٿيل آهي.

احتجاجي ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته، هن وقت تائين پوليس قتل جا جوابدار گرفتار ناهن ڪيا، بااثر سردار ۽ حڪومتي پارٽي جي ايم پي اي سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو کي بچائڻ ۽ سندن نالا ايف آءِ آر مان خارج ڪرڻ لاءِ جاچ ڪميٽي جوڙي وئي آهي. قانون پابند بڻائي ٿو ته ڪنهن به ايف آءِ آر ۾ نامزد جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ گهرجي ۽ پوءِ انهن جي ڏوهي يا بيڏوهي هجڻ جو فيصلو عدالتن کي ئي ڪرڻو آهي. هنن چيو ته سنڌ حڪومت جوابدارنکي گرفتار ڪرڻ کان اڳ ئي بيڏوهي قرار ڏيارڻ چاهي ٿي جيڪو ٿيڻ نه ڏنو ويندو. هنن چيو ته ايف آءِ آر ۾ دهشتگردي جا به قلم لڳايا ويا آهن، ان باوجود جوابدادرن کي گرفتار نه ڪرڻ سراسر ناانصافي ۽ جوابدارن کي بچائڻ برابر آهي. هنن چيو ته جيستائين سردار چانڊيو سميت سمورا جوابدار گرفتار نه ٿيندا ايستائين احتجاج جو سلسلو جاري رکيو ويندو ۽ ان جو دائرو سڄي سنڌ تائين وڌايو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *