Saturday , April 27 2024

سکر پوليس اڃا تائين شهيد جان محمد مهر جا قاتل گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام

سکر( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) هڪ هفتو ٿيڻ وارو، سکر پوليس سينيئر صحافي شهيد جان محمد مهر جو هڪ به قاتل گرفتار ڪري نه سگهي، ڪيس جي جاچ لاءِ جوڙيل جي آءِ ٽي تڪرراري بڻيل، وارثن ۽ صحافين پاران جي آءِ ٽي جي سربراهه ۽ ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ کي هٽائڻ جو مطالبو. سکر ۾ ڪوئينس روڊ تي 14 آگسٽ جي رات جو دهشتگردن پاران فائرنگ ڪري سري عام شهيد ڪرڻ واري واقعي کي هڪ هفتو مڪمل ٿي رهيو آهي پر سکر پوليس سميت قانون لاڳو ڪندڙ ادارا شهيد جان محمد مهر جا قاتل گرفتار ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي ويا آهن، پوليس صرف ٽين سهولتڪارن کي گرفتار ڪري هٿ مٿان هٿ رکي ويهي رهي آهي.

شهيد جان محمد مهر جي بي رحماڻي قتل واري واقعي جي جاچ لاءِ سنڌ جي گهرو کاتي پاران ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ جي سربراهي ۾ جوڙيل جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم / جي آءِ ٽي به هيل تائين اڃا تائين ڪو به ڪم شروع نه ڪري سگهي آهي، 4 ڏينهن گذرڻ باوجود جي آءِ ٽي جو هڪ به اجلاس ناهي ٿيو نه ئي ان جا ٽرمس آف ريفرنسز / ٽي آر اوز به ناهن جوڙيا ويا، جنهن مان سنڌ حڪومت غيرسنجيدگي ظاهر ٿي رهي آهي. جي آءِ ٽي جي غير سنجيدگي سبب شهيد جان محمد مهر جي وارثن، صحافين ڪي ٽي اين نيوز جي سٿ ۽ صحافتي تنظيمن جي آءِ ٽي سربراهه ايس ايس پي سنگهار ملڪ کي جي آءِ ٽي جي سربراهي تان هٽائي ڪنهن ايماندار 20 گريڊ يا 21 گريڊ جي پوليس آفيسر کي جي آءِ ٽي جو سربراهه مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

About Ahmedbilal

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *