Saturday , April 27 2024

جان محمد مهر جي قتل جو ڪيس داخل، ايف آءِ آر ۾ دهشتگردي جا قلم شامل

سکر ( خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) سينيئر صحافي جان محمد مهر جي قتل جو ڪيس داخل، 6 سڃاتل ٽِن اڻسڃاتل جوابدارن سميت 9 جوابدار نامزد، سهولتڪار کي به نامزد ڪيو ويو، شهيد جان محمد مھر جي وڏي ڀاءُ ڪرم الله مهر جي فرياد تي داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ شير محمد عرف شيرل مهر، نصير مهر، قربان مهر، روشن مهر، گلزار ۽ مير محمد مھر کي مک جوابدار طور نامزد ڪيو ويو آهي، ايف آءِ آر ۾ دهشتگردن جي سهولتڪارن ۾ منور، بخش علي عرف بخشو، بابر، محسن، جمال الدين ۽ سهيل مهر کي به  نامزد ڪيو ويو آهي. فريادي ڪرم الله مهر ايف آءِ آر ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته شهيد جان محمد مهر مظلوم ۽ بي پهچ ماڻهن جو آواز اٿاريندو هو، شهيد ٻڌائيندو هو ته غريب ۽ بي پهچ ماڻهن جو آواز اٿارڻ واري ڳالهه بااثر ماڻهن پسند نه هئي.

شهيد جان محمد مهر جي قتل جي ايف آءِ آر سندس وڏي ڀاءُ ڪرم الله جي فرياد تي داخل ڪئي وئي آهي. ايف آءِ آر ۾ دهشتگردي جا قلم به شامل ڪيا ويا آهن، ايف آءِ آر ۾ شهيد جان محمد مهر جي وڏي ڀاءُ فريادي ڪرم الله مهر ڄاڻايو آهي ته  جان محمد سندس ننڍو ڀاءُ هو، جيڪو ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين نيوز سکر جو بيورو چيف هو ۽ هميشه مظلوم ماڻهن جو آواز بُلند ڪندو هو، جيڪو ڪجهه ماڻهن کي پسند نه هو، اهڙي حقيقت هُو اڪثر مون سان ڪندو هو.گذريل 12 تاريخ تي آئون ۽ منهنجو پُٽ شاهد مهر پنهنجي هڪ عزيز، آصف مهر سان گڏجي جان محمد سان ملڻ لاءِ سندس گهر سکر آيل هئاسين، 13 تاريخ تي جان محمد پنهنجي ڪلٽس ڪار ۾ سوار ٿي بندر روڊ تي ڪيَي وڏي ڀاءُ پاران داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته، آئون ۽ منهنجو پُٽ به پنهنجي عزيز سان گڏجي پٺيان موٽرسائيڪل تي سوار ٿي آفيس آياسين، جتي آفيس جو ڪم ڪار پورو ڪرڻ بعد جان محمد رات جو 9 وڳي 10 منٽن تي پنهنجي ڪار ۾ سوار ٿي گهر طرف روانو ٿيو ۽ اسان به موٽرسائيڪل تي سوار ٿي سندس پٺيان روانا ٿياسين. ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايل موقف ۾ فريادي وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته رستي ۾ بن سفير پاڪ وٽ ٻن موٽرسائيڪلز تي سوار ڇهه هٿياربندن جان محمد مهر جي ڪار تي حملو ڪري فائرنگ ڪئي. جوابدارن شير محمد، نصير، قربان، روشن، گُلزار ۽ مير محمد مهر پسٽل جا فائر ڪري ڀاءُ جان محمد مهر کي شهيد ڪيو، جوابدارن جا منهن کُليل هئا، جن کي دوڪانن ۽ روڊ تي لڳل بلبن جي روشني تي اسان چڱي طرح ڏٺو، جوابدارن کي ٻيهر ڏسنداسون ته سڃاڻي وينداسون. فريادي موجب، سڀني جوابدارن ڪار جو اڳ وٺي حملو ڪيو، جوابدار شير محمد عرف شيرل مهر فائر ڪيو، جيڪو جان محمد کي ساڄي اک کان لڳو ۽ کاٻي پاسي نڪ کان آر پار ٿي ويو، جوابدار نصير پسٽل جو فائر ڪيو، جيڪو ساڄي پاسي شيشي ۾ لڳو، جوابدار قربان فائر ڪيو، جيڪو ڳچي ۾ ساڄي پاسي کان لڳو ۽ جوابدار مير محمد عرف ميرو مهر فائر ڪيو، جيڪو ٻانهن ۾ لڳو ۽  آر پار ٿي ويو. جوابدارن ڏهڪاءُ پکيڙڻ لاءِ هوائي فائرنگ ڪئي، جنهن دوران ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي ۽ آسپاس جو سمورا دوڪان ۽ ڪاروبار بند ٿي ويو. ايف آءِ آر ۾ جوابدارن جي سهولتڪاري ۾ شيرل مهر، منور، بخش علي عرف بخشو، بابر، محسن، جمال الدين ۽ سهيل مهر کي نامزد ڪيو ويو آهي.

About Ahmedbilal

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *