Sunday , April 28 2024

سنڌسماءَچار جي خبر جي تصديق؛ اليڪشن ڪميشن وقت تي عام چونڊون ڪرائڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو

سنڌسماءَچار جي ڊجيٽل آدمشماري ۽ ايندڙ عام اليڪشن بابت 27 جنوري 2023 تي تي شايع ڪيل خبر جي تصديق اڄ 17 آگسٽ جمعي ڏينهن اسلام آباد ۾ اليڪشن ڪميشن جي ٿيل اجلاس ۾ ڪيل فيصلي سان ٿي وئي آهي (ادارو)

اسلام آباد  ( خاص نمائندو    سنڌسماءَ چار)  چار کان پنج مهينن تائين نيون چونڊون نه ٿينديون، اليڪشن ڪميشن ايندڙ عام چونڊون آئين مطابق مقرر مدي اندر نه ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، پهريان هلندڙ سال ٿيل ڊجيٽل آدمشماري تحت سموري ملڪ ۾ نيون تڪبنديون ڪرائڻ جو فيصلو، اڄ کان شروع ٿيندڙ نين تڪبندين جو مرحلو 14 ڊسمبر 2023 تائين جاري رهندو. چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت هيٺ ايندڙ اليڪشن ۽ تڪبندين بابت اجلاس بابت مليل ڄاڻ مطابق اجلاس دوران اليڪشن ڪميشن جي لاڳاپيل اختيارين ايندڙ عام چونڊون 90 ڏينهن واري مقرر آئيني مدي تحت نه ٿيڻ بابت بريفنگ ڏني، جنهن تي چيف اليڪشن ڪمشنر سميت صوبائي اليڪشن ڪمشنرز ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن اتفاق ڪيو ته نيون چونڊون نين تڪبنديون ڪرائڻ کانسواءِ نه ٿيون ڪرائي سگهجن، نين تڪبندين لاءِ 4 کان 5 مهينا گهربل آهن، اهڙي طرح 14 مارچ يا 14 اپريل 2023 تائين نيون چونڊون نه ٿيون ڪرائي سگهجن.

 

چيف اليڪشن ڪمشنر جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس کانپوءِ تڪبندين جي شيڊيول بابت نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق نئين آدمشماري تحت سموري ملڪ اندر اليڪشن کان اڳ نيون تڪبنديون ڪرائڻ لازمي آهي، جيڪا آئين مطابق اليڪشن ڪميشن جي پهرين ذميواري آهي، نين تڪبندين کانسواءِ ايندڙ عام چونڊون نه ٿيون ڪرائي سگهجن. اليڪشن ڪميشن جي پڌرائي ۽ جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ مطابق نين تڪبندين لاءِ چئن مهينن جو وقت مقرر ڪندي تڪبندين جو مرحلو اڄ کان شروع ڪيو پيو وڃي، اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته نين تڪبندين ڪندي تڪبندين لاءِ 4 کان 5 مهينن جو وقت گهربل آهي.

اليڪشن ڪيمشن جو چوڻ آهي ته عام چونڊون 90 ڏينهن ۾ نه ٿيون ٿي سگهن، تڪ بندين جي حتمي لڪسٽ 14 ڊسمبر تي جاري ڪئي ويندي، سڄي ملڪ ۾ 8 سيپٽمبر کان 7 آڪٽوبر تائين تڪبنديون ڪرايون وينديون، آڪٽوبر کان 8 نومبر تائين تڪ بندين بابت تجويزون ڏنيون وينديون، 5 سيپٽمبر کان 7 سيپٽمبر تائين قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ڪوٽا مقرر ڪئي ويندي، تڪبندين جا انتظامي معاملا 31 آگسٽ تائين مڪمل ڪيا ويندا.  اليڪشن ڪميشن موجب اسلام آباد سميت چئني صوبن جون تڪ بنديون ڪميٽيون 21 آگسٽ تائين قائم ڪيون وينديون، اليڪشن ڪميشن 10 نومبر کان 9 ڊسمبر تائين تڪبندين تي اعتراضن جو فيصلو ڪندي.

اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته 14 ڊسمبر تائين نئين تڪبندين کي حتمي شڪل ڏني ويندي، 14 ڊسمبر تائين تڪ بنديون مڪمل ڪرڻ بعد اليڪشن ڪميشن چونڊ شيڊول جو اعلان ڪندي.

 

عام چونڊون آڪٽوبر بدران ايندڙ سال فيبروري ۾ ڪرائڻ جي تياري

About Ahmedbilal

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *