Sunday , April 28 2024

سنڌ جي نگران حڪمرانن پاران شهيد جان محمد مهر جا قاتل گرفتار ڪرڻ جو واعدو!!

ڪراچي ( رپورٽ: آفاق ڀٽي   سنڌسماءَچار) سکر ۾ دهشتگردن هٿان شهيد ڪيل سينيئر صحافي جان محمد مهر جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف ڪراچي پريس ڪلب آڏو صحافين جو احتجاجي مظاهرو، سنڌ جي نگران حڪومت قاتلن جي گرفتاري لاءِ ٻن هفتن جي مهلت گهري احتجاج ختم ڪرائي ڇڏيو، نگران گهرو وزير پاران جان محمد مهر جا قاتل گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪچي ۾ آپريشن ڪرڻ، وارثن کي رينجرز جي سيڪيورٽي ڏيڻ ۽ اڳوڻي ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ خلاف ڪارروائي لاءِ لاڳاپيل اختيارين کي خط لکڻ جي خاطري، ڪي ٽي اين سٿ ۽ صحافين پاران احتجاج ختم.

احتجاجي مظاهري دوران سنڌ جي نگران گهرو وزير برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز صحافين جي وفد سان ملاقات ڪري معاملي بابت سمورا تفصيل ورتا، ڪي ٽي اين نيوز جي ذميوارن ۽ صحافين نگران گهرو وزير آڏو مطالبا پيش ڪيا، جيڪي نگران سنڌ حڪومت منظور ڪري ورتا، گڏجاڻي بعد نگران گهرو وزير حارث نواز احتجاجي مظاهري ۾ اچي اعلان ڪيو ته شهيد جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري سميت جيڪي به مطالبا پيش ڪيا ويا اُهي منظور ڪيا آهن، هن چيو ته شهيد جان محمد مهر جي قتل ۾ ملوث سمورن قاتلن، سهولتڪارن ۽ ٻين ذميوارن کي ٻن هفتن اندر گرفتار ڪيو ويندو، شهيد جان محمد مهر جي قتل  واري واقعي وقت سکر ۾ مقرر ايس ايس پي سنگهار ملڪ خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل اختيارين کي خط لکيو ويندو، نگران گهرو وزير چيو ته شهيد جان محمد مهر جي قتل جي جاچ لاءِ ڪائونٽر ٽيررزم ڊپارٽمينٽ ( سي ٽي ڊي ) جي سينيئر آفيسر جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي ويندي جيڪا جاچ ڪري رپورٽ ڏيندي ۽ وڌيڪ ان رپورٽ تحت به ڪارروائي ڪئي ويندي. سنڌ جي نگران گهرو وزير برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز چيو ته شهيد جي وارثن کي رينجرز جي سيڪيورٽي مهيا ڪئي ويندي، قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪچي ۾ رينجرز جو آپريشن ڪيو ويندو. سنڌ جي نگران گهرو وزير برگيڊيئر حارث نواز پاران اهڙا واعدا ڪرڻ بعد صحافين احتجاج ختم ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي صحافين ان عزم کي به ورجايو ته جيڪڏهن ٻن هفتن اندر قاتل گرفتار نه ٿيا ته ٻيهر ڪراچي ۾ گڏ ٿي وزيراعليٰ هائوس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو.

ان کان اڳ جشن آزادي 14 آگسٽ جي رات جو سکر ۾ دهشتگردن هٿان شهيد ڪيل سينيئر صحافي جان محمد مهر جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف ڪي ٽي اين نيوز ۽ صحافي برادري جي سڏ تي ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهري کي وحيد راڄپر، نعمت کهڙو، احسان لاشاري، جي ايم جمالي ۽ ٻين خطاب ڪيو، اڳواڻن جو چو هو ته شهيد جان محمد مهر جي قتل کي ٻه هفتا ٿيڻ وارا آهن پر سکر پوليس اڃا تائين قاتلن کي گرفڀتار ناهي ڪري سگهي، سکر پوليس شهيد جان محمد ۾ ملوث صرف ٽَي سهولتڪار گرفتار ڪري خاموش تماشائي بڻجي ويهي رهي آهي، شهيد جان محمد مهر جي سمورن قاتلن ۽ سهولتڪارن کي گرفتار ڪيو وڃي. ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهري ۾ شريڪ صحافين شهيد جان محمد مهر جا قاتل گرفتار نه ڪرڻ تي سکر پوليس، ايس ايس پي سنگهار ملڪ خلاف نعري بازي ڪندا رهيا.

About Ahmedbilal

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *