Sunday , April 28 2024

وڏي پئماني تي ڪامورن جون مقرريون بدليون، چيف سيڪريٽري ۽ آءِ  جي سنڌ به تبديل

اسلام آباد ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) وفاق، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ نگران حڪومتون قائم ٿيڻ بعد ڪامورن جون وڏي پئماني تي مقرريون ۽ بدليون، چيف سيڪريٽري سنڌ، آءِ جي سنڌ سميت سنڌ ۽ وفاق ۾ اڪثر کاتن ۽ وزارتن جا سيڪريٽريز تبديل، اسٽبلشمينٽ ڊويزن نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.وفاقي حڪومت چيف سيڪريٽري سنڌ سهيل راجپوت کي بدلي ڪري ڊاڪٽر محمد فخر عالم کي سنڌ جو چيف سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي، سهيل راجپوت کي اسٽبلشمينٽ ڊويزن ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، سنڌ جو مقرر ٿيل چيف سيڪريٽري هائوسنگ اينڊ ورڪس وزارت جي ۾ مقرر محمد فخر عالم عرفان  هو. آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ کي بدلي ڪري سندس جاءِ تي رفعت مختار کي آءِ جي سنڌ مقرر ڪري نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، دفاع واري وزارت جي ميري ٽائيمز افيئرز ۾ مقرر غفران ميمڻ کي هٽائي کيس اسٽبلشمينٽ ڊويزن ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪندي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. سيد آصف علي حيدر شاهه کي بدلي ڪري کيس موسميات تبديلي واري وزارت جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي.

22هين گريڊ جو آفيسر ڪامران علي افضل جيڪو ڊائريڪٽر جنرل سول سروس لاهور مقرر هو کي سيڪريٽري ڪابينا ڊويزن مقرر ڪيو ويو آهي، 21هين گريڊ جي آفيسر ساجد بلوچ جيڪو ايڊيشنل سيڪريٽري ڪابينا ڊويزن هو ان کي اسپيشل سيڪريٽري ڪابينا ڊويزن مقرر ڪيو ويو آهي. محمد عبدالله خان جي ايڊيشنل سيڪريٽري سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وزارت ۾ مقرر هو ان کي بدلي ڪري ايڊيشنل سيڪريٽري انچارج گهرو وزارت مقرر ڪيو ويو آهي، پاڻي معاملن واري وزارت جي سيڪريٽري حسن نثار جامي کي بدلي ڪري سيڪريٽري انفارميشن ٽيڪنالاجي مقرر ڪيو ويو آهي، ايڊيشنل سيڪريٽري انڊسٽري مومن آغا کي بدلي ڪري ايڊيشنل سيڪريٽري انچارج پيٽروليم مقرر ڪيو ويو آهي، ايڊيشنل سيڪريٽري پيٽرول ڊويزن محمد محمود کي بدلي ڪري ايڊيشنل سيڪريٽري انچارج نيشنل فوڊ سيڪيورٽي ۾ مقرر ڪيو ويو آهي، شهزاد خان بنگش کي بدلي ڪري سيڪريٽري هائوسنگ اينڊ ورڪس ڊويزن مقرر ڪيو ويو آهي، پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل حميره احمد کي قومي ورثي ۽ ثقافت واري ڊويزن ۾ سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي، گهرو وزارت جي سيڪريٽري سيد علي مرتضيٰ کي بدلي ڪري پاڻي معاملن واري وزارت ۾ سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي.

About Ahmedbilal

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *