Sunday , April 28 2024

سکر ۾ دهشتگردي، سينيئر صحافي جان محمد مهر دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد

سکر ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار)سکر شهر جي مصروف روڊ تي کُلي عام دهشتگردي، سينيئر صحافي جان محمد دهشتگرن جي حملي ۾ شهيد، سول اسپتال ۾ ڊاڪٽرز ۽ سهولتن جي کوٽ سبب جان محمد مهر نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جنهن سبب گهڻو رت وهڻ سبب شهيد ٿي ويو. ڪي ٽي اين نيوز ۽ روزاني ڪاوش جو سينيئر رپورٽر ۽ سينيئر صحافي  جان محمد مهر جيئن ئي پنهنجي آفيس مان نڪري گاڏي ۾ سوار ٿي ڪجهه پنڌ اڳتي هليو ته سندس تاڙ ۾ بيٺل دهشتگردن مٿس جديد هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، ڳوليون لڳڻ سبب جان محمد مهر زخمي ٿي پيو، جنهن کي فوري طور سول اسپتال سکر پهچايو. جان محمد مهر جي زخمي هجڻ وقت ذميوار ماڻهن پوليس مددگار ون فائيو، سميت لاڳاپيل اختيارين کي اطلاع ڪيو ويو پر ڪير به نه پهتو، جنهن تي جان محمد مهر کي نجي گاڏي/ رڪشا تي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

سول اسپتال سکر ۾ ڊاڪٽرز، لاڳاپيل عملو موجود نه هئڻ ۽ سهولتن جي اڻهوند سبب جان محمد مهر کي شروعاتي طبي امداد نه ملي سگهي، جنهن بعد جان محمد مهر جي ساٿين کيس سکر جي نجي اسپتال حرا ميڊيڪل سينٽر منتقل ڪيو. جان محمد مهر کي نجي اسپتال پهچائڻ بعد سينيئر ڊاڪٽرز فوري طور پهچي ويا، ڊاڪٽرن جان محمد مهر کي شروعاتي طبي امداد ڏئي سندس جسم مان گوليون ڪڍڻ لاءِ آپريشن ٿيٽر منتقل ڪيو پر ايستائين سندس رت گهڻو وهي چڪو هو، ڊاڪٽرن پاران سندس حياتي بچائڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي، گهڻو رت وهڻ سبب جان محمد مهر کي ساهه کڻڻ ۾ به سخت تڪيلف ٿي، ڊاڪٽرن پاران کيس هٿرادو ساهه کڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، انڪري سندس آپريشن ممڪن نه رهيو ۽ سندس ساهه جو سڳو ٽُٽِي ويو. جان محمد مهر جو علاج/آپريشن ڪندڙ ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته، جان محمد مهر کي ڳچيءَ ۾ نڙگهٽ وٽ لڳل گولي سندس ساهه واري نالي کي سخت متاثر ڪيو، کيس تڪڙي طبي امداد نه ملڻ سبب سندس رت به تمام گهڻو وهي چڪو هو، جنهن سبب سندس حياتي بچائي نه سگهياسين.

شهيد جان محمد جو مڙهه نجي اسپتال مان سول اسپتال سکر منتقل ڪري پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو، پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کانپوءِ شهيد جان محمد مهر جو مڙهه سندس اباڻي ڳوٺ لکي غلام شاهه ويجهو چڪ منتقل ڪيو ويو آهي، جتي شهيد جو تڏو به وڇايو ويو آهي، شهيد جان محمد مهر جي جنازي نماز اڄ سومر ڏينهن صبح جو 10 وڳي ادا ڪرڻ کانپوءِ مڙهه مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو.

سنڌسماءَچار سٿ پاران جان محمد مهر جي شهادت تي سندس وارثن، ڪي ٽي اين نيوز سٿ ۽ صحافي سٿ سان ڏک جو اظاهر ڪجي ٿو.

About Ahmedbilal

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *