Monday , April 29 2024

سرهاڙي ريل حادثي ۾ ريلويز اختيارين جي نااهلي جو انڪشاف

ڪراچي (رپورٽ: آفاق ڀٽي   سنڌسماءَچار) سرهاڙي ڀرسان هزارا ايڪسپريس سان پيش آيل حادثي جو ڪارڻ ريليوز اختيارين جي نااهلي جو انڪشاف ٿيو آهي. سرهاڙي ريل حادثي جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ سنڌسماءَچار پاران حادثي جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ ريلويز اختيارين کان معلومات گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ان سلسلي پاڪستان ريلويز ڪراچي جي هڪ آفيسر نالو نه لکڻ جي شرط تي ٻڌايو ته، “ جنهن پُل وٽ تي هزارا ايڪسپريس جون بوگيون ڪلٽي ٿي ڪريون آهن،  ان پل جي مٿان ۽ ڀرپاسي ۾ ريلوي ٽريڪ انتهائي ڪمزور هو، رليويز جي ٽيڪنيڪل شعبي سان لاڳاپيل ڪجهه ملازمن، علائقي واسين ريلويز اختيارين کي ڪيترائي ڀيرا شڪايت ڪئي پر ان تي ڪنهن به ڌيان نه ڏنو، جنهن جو نتيجو حادثي جِي صورت ۾ سامهون آيو آهي ۽ انساني جانيون ضايع ٿيون آهن”، هن ٻڌايو ته، “ حادثي واري هنڌ ريلوي ٽريڪ ۾ نٽ ۽ بلٽ به گهٽ لڳل هئا، جيڪي لڳل هئا اُهي انتهائي ڪمزور هئا، هي حادثو مڪمل طور تي ريلويز اختيارين جي نااهلي سبب پيش آيو آهي، ان جي اڻڌري جاچ ٿيڻ گهرجي ۽ ذميوران خلاف فوتي ماڻهن جي قتل جو قتل ڪيس داخل ٿيڻ گهرجي،”. پاڪستان ريلويز جي سينيئر آفيسر سنڌ سماچار کي ٻڌائيندي دعويٰ ڪئي ته جيڪڏهن سنڌ جي حدن خاص طور تي، حيدر آباد کان روهڙي تائين ريلوي ٽريڪ جي بهتگر نموني سان مرمت نه ڪئي وئي ته وڌيڪ حادثا ٿي سگهن ٿا.

About Ahmedbilal

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *