Saturday , April 27 2024

پيپلزپارٽي ڊجيٽل آدمشماري جا نتيجا صرف اليڪشن لاءِ قبول ڪيا: مراد علي شاهه

ڪراچي( رپورٽ: اصغر آزاد    سنڌسماءَچار) پيپلزپارٽي آدمشماري جا نتيجا عام چونڊون وقت تي ڪرائڻ لاءِ قبول ڪيا، اسان لاءِ سڀ کان وڌيڪ اهم هو ته آئين مطابق اليڪشن وقت تي ٿئي، سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ پ پ پ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ميمبر سيد مراد علي شاهه گذريل ڏينهن پريس  ڪانفرنس ڪندي چيو ته، “ جڏهن ڊجيٽل آدمشماري جا نتيجا سامهو آيا ته مان سمجهي ويو هيس ته تڪبنديون ٿيون تڏهن به گهڻو فرق نه پوندو، پيپلزپارٽي سمجهي چڪي هئي ته قومي توڙي صوبائي اسيمبلين جي تڪبندين ۾ ايترو فرق ناهي اچڻو انڪري نتيجا قبول ڪري وقت تي اليڪشن ڪرائڻ لاءِ نتيجا قبول ڪيا.

ياد هجي ته سنڌ جي عام ماڻهن، سڄاڻ ڌرين ۽ سنڌ دوست جماعتن گذريل پاران رد ڪيل ڊجيٽل آدمشماري توڙي ان جي نتيجن کي رد ڪري چڪي آهي، سڄاڻ ڌريون ڊجيٽل آدمشماريءَ کي سنڌ جي وحدت تي وار قرار ڏئي چڪيون آهن.

About Ahmedbilal

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *