Sunday , April 28 2024

پيپلزپارٽي جي راڻيپور وارن پيرَن جي حويلي مريدن جي نياڻين لاءِ نجي جيل بڻيل

خيرپور( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) پيپلزپارٽيءَ سان لاڳاپيل راڻيپور وارن جيلاني پيرن جي حويلي مريدن جي معصوم نياڻين لاءِ نجي جيل بڻجي وئي، حويلي اندر معصوم نياڻي فاطمه ڦرڙو سان جنسي ڏاڍائي ۽ وحشياڻي تشدد ۾ کيس قتل ڪرڻ واري سانحي کانپوءِ وڌيڪ نياڻين تي تشدد ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، حويلي اندر تشدد جو نشانو بڻيل وڌيڪ ٻه معصوم نياڻيون منظر تي اچي ويون آهن.

راڻيپور ۾ پيرن جي حويلي اندر معصوم فاطمه ڦرڙو جي دردناڪ موت کانپوءِ وڌيڪ ٻن نينگرين تي مبينا تشدد جا ڇرڪائيندڙ واقعا سامهون اچي ويا، مبينا زيادتي ۽ تشدد ۾ مارجي ويل نينگري فاطمه جي سئوٽ اجالا ڦُرڙو ۽ ثانيا ڦرڙو مٿان به بي بي حنا شاهه پاران تشدد جو انڪشاف، نينگري اجالا ڦرڙو چيو آهي ته بي بي حنا شاهه ڪيترائي ڀيرا تشدد جو نشانو بڻايو، هڪ ڀيرو منهنجي مٿان تيزاب هاريو، هڪ ڀيرو وائپرن سان تشدد ڪري رتو رت ڪري ڇڏيو هو، ڪجهه ڏينهن اڳ حويلي مان ڀڄي جان بچائي، حنا شاهه جي تشدد بابت حويلي جي ماڻهن کي ٻڌايو پر ڪنهن به اعتبار نه ڪيو، نينگري ثانيه انڪشاف ڪيو آهي ته بي بي حنا شاهه، فاطمه مٿان تشدد ڪرائيندي هئي، انڪار ڪرڻ تي اسان مٿان به تشدد ڪيو ويندو هو، نينگرين جي ڇرڪائيندڙ انڪشافن باوجود پوليس متاثرن ٻنهي نينگرين وٽ نه پهتي.

About Ahmedbilal

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *