Saturday , April 27 2024

غلام قادر چانڊيو نيٺ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو چيئرمين ٿي ويو

ڪراچي (رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي ميمبرن جي چونڊ کانپوءِ ايم پي اي غلام قادر پي اي سي جو بنا مقابلي چيئرمين چونڊجي ويو آهي، مخالف ڌر چيئرمين جي چونڊ کي رد ڪندي چيو آهي ته پيپلزپارٽي سنڌ اسيمبلي کي ڪرپشن کان بچڻ لاءِ ڍال طور استعملا پئي ڪري. پي اي سي جي جوڙجڪ بعد خميس ڏينهن ان جو پهريون اجلاس ٿيو جنهن ۾ چيئرمين جي چونڊ ڪئي وئي، جنهن ۾ پ پ ايم پي اي غلام قادر چانڊيو بنا مقابلي چيئرمين چونڊجي ويو آهي. پي اي سي جي چيئرمين جي چونڊ لاءِ غلام قادر چانڊئي جو نالو پهرين نمبر تي هو. گذريل ڏينهن سنڌ اسيمبلي ۾ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي ٿيل گڏجاڻي ۾ غلام قادر چانڊيو کي بنا مقابلي چيئرمين چونڊجي ويو، سيڪريٽري سنڌ اسيمبلي سندس چونڊ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. اپوزيشن پي اي سي ۽ ٻين اسٽينڊنگ ڪميٽين جي چونڊن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. نصرت سحر عباسي چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي حڪومت سنڌ اسيمبلي ۽ پي اي سي سميت اسٽينڊنگ ڪميٽيز کي ڪرپشن کان بچڻ لاءِ ڍال طور استعمال ڪري رهي آهي. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کي به اجايو ڊيگهه ڏئي اسپيڪر آغا سراج دراني کي سهولتون ڏيڻ جو بهانو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *