Saturday , April 27 2024

دفاع واري وزارت جي هڪ اداري جي نگراني ۾ لينڊ انفارميشن اينڊ مئنجيمينٽ سسٽم سينٽر آف ايڪسيلينس قائم

اسلام آباد (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت جديد زرعي نظام لاءِ دفاع واري وزارت جي هڪ اداري جي نگراني هيٺ لينڊ انفارميشن اينڊ مئنجيمينٽ سسٽم سينٽر آف ايڪسيلينس (لِمز) قائم ڪري ڇڏيو، وزيراعظم شهباز شريف راولپنڊي ۾ هڪ تقريب دوران افتتاح ڪري ڇڏيو آهي،لينڊ انفارميشن اينڊ مئنجيمينٽ سسٽم سينٽر آف ايڪسيلينس ذريعي شروعاتي طور تي سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ پنجاهه لک ايڪڙن کان وڌيڪ غيرآباد، گهٽ آباد ٿيندڙ ۽ گهٽ اُپت ڏيندڙ سرڪاري توڙي ٻي زمين لِمز جي ماتحت ڏني ويندي.

ان سلسلي ۾ راولپنڊي ۾ لينڊ انفارميشن اينڊ مئنجيمينٽ سسٽم سينٽر آف ايڪسيلينس جي ٿيل افتتاحي تقريب ٿي، جنهن جو افتتاح وزيراعظم شهباز شريف ڪيو، افتتاحي تقريب ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير، وفاقي وزير، دفاع واري وزارت سميت لاڳاپيل وزارتن ۽ اختيارين جي عملدارن شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته، ملڪ ۾ لکين ايڪڙ ايراضي کي پوکي لائق بڻائي جديد ايگرو فارمنگ ڪئي ويندي. وزيراعظم آفيس پاران تقريب بابت جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ورلڊ فوڊ پروگرام جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گڏيل قومن جي خوراڪ بابت اداري جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ ملڪ جو 36 ڏهائي 9سيڪڙو عوام خوراڪ جي کوٽ جو شڪار آهن ۽ انهن مان 18 ڏهائي 3 سيڪڙو ماڻهو خوراڪ جي سخت بحران کي منهن ڏئي رهيا آهن.

پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته موجوده غذائي عدم تحفظ، وڏي پئماني تي غذائي کوٽ ۽ زرعي شين جي پرڏيهه مان گهرايل شين جي بل سان گڏوگڏ آبادي ۾ واڌ ۽ مستقبل جي گهريلو پڌرائي ۾ واضح طور چيو ويو آهي ته، غذائي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي قومي، سياسي، اقتصادي ۽ فوجي قيادت ان مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ نتيجي جوڳن قدمن جو فيصلو ڪيو آهي. لينڊ انفارميشن اينڊ مئنيجمينٽ سسٽم سينٽر آف ايڪسيلينس / لِمز قائم ڪرڻ پهريون غير معمولي قدم آهي، جنهن جو مقصد غذائي تحفظ کي وڌائڻ ۽ زرعي برآمدن کي بهتر بڻائڻ ۽ ائين ملڪ اندر لکين ايڪڙ غير آباد يا گهٽ پيداوار ڏيندڙ زمينن کي تبديل ڪري قومي ناڻي تي درآمدي بار کي گهٽ ڪرڻ آهي.

پڌرائي مطابق اهو جديد ترين نظام جديد ٽيڪنالاجي ۽ زمين جي زرعي ماحولياتي صلاحيت تي ٻڌل پائيدار درست زرعي طريقن ذريعي زرعي پيداوار کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ڏيندو، جڏهن ته ٻهراڙين جي آبادين جي ڀلائي ۽ ماحوليات جي تحفظ کي يقيني بڻائيندو.

About Ahmedbilal

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *