Saturday , April 27 2024

دبئي ملاقاتون بي نتيجا ثابت، مريم نوا پنجاب ۾ پ پ سان سيٽ ايڊجيسٽمينٽ کان کُتو جواب

پيپلزپارٽيءَ سان پنجاب ۾ سيٽ ايڊجيسٽمينٽ جي سڀ کان وڏي مخالف بڻيل، نواز شريف به في الحال تڪڙو فيصلو ڪرڻ کان لنوائڻ لڳو

ڪراچي (رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماچار) وفاقي حڪومت جي ٻن وڏين اتحادي جماعتن ۽ پي ڊي ايم ۾ اتحادي رهندڙ ملسم ليگ ۽ پيپلزپارٽي وچ ۾ ايندڙ اليڪشن ۾ پنجاب اندر سيٽ ايڊجسمينٽ جون هيل تائاين ٿيل ڪوششون ناڪام، نواز شريف ۽ آصف زرداري وچ ۾ دبئي ۾ ٿيل چار ملاقاتون به بي فائدي رهيون، مريم نواز ن ليگ ۽ پ پ وچ ۾ سيٽ ايڊجيسٽمينٽ جي سڀ وڌيڪ مخالف بڻيل. گذريل ڪيترن ئي سالن کان اتحادي رهندڙ سياسي جماعتن وچ ۾ ايندڙ اليڪشن ۾ اتحاد يا سيٽ ايڊجيسٽمينٽ بابت سنڌ سماچار پاران گڏ ڪيل معلومات مطابق، پي ڊي ايم ۾ اتحادي رهندڙ ۽ هن وقت وفاقي حڪومت ۾ اتحادي پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ نون جي حتمي فيصلا ڪندڙ قيادت نواز شريف، آصف زرداري ۽ مريم نواز وچ ۾ دبئي ۾ ٿيل ملاقاتن جو هيل تائين ڪو به نتيجو ناهي نڪتو، ن ليگ جي هڪ سينيئر اڳواڻ ملاقات دوران سنڌ سماچار کي ٻڌايو ته ” دبئي ۾ نواز شريف ۽ آصف زرداري وچ ۾ مجموعي طور تي چار ملاقاتون ٿيون، جن ملاقاتن دوران هڪ ملاقات ۾ مريم نواز به شريڪ ٿي هئي، جنهن ملاقات ۾ ايندڙ عام چونڊن ۾ پ پ ۽ ن ليگ وچ ۾ پنجابد اندر سيٽ ايڊجيسٽمينٽ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي، پر مريم نواز ن ليگ جي پيپلزپارٽي سان سيٽ ايڊجيسٽمينٽ تي سخت قسم جا اعتراز واريندي انڪار ڪري ڇڏيو هو”، ن ليگ جي ان اڳواڻ نالو نه لکڻ جي شرط تي وڌيڪ ٻڌايو ته، ” مريم نواز سڌو موقف رکيو ته هيل تائين ن ليگ جي قيادت، مرڪزي اڳواڻن توڙي مقامي سطح جي اڳواڻن به سڌي ريت اسٽبلشمينٽ جي عتاب جو شڪار رهيا آهن، پر پيپلزپارٽي تي ڏکيو وقت آيو ته انهن اسٽبلشمينٽ سان ڊيل ڪري معاملا سڌا ڪيا،ن ليگ ته اڻسڌي طرح اڃا تائين اسٽبلشمينٽ جي نشاني تي آهي، مريم نواز جو موقف هو ته پنجاب اندر پيپلزپارٽي جو نه ته ڪو ڪم ٿيل آهي نه ئي ان کي عام چونڊن توڙي ضمني/ ننڍين چونڊن ۾ ڳڻ جوڳا ووٽ حاصل ڪري سگهيا آهن، انڪري سيٽ ايڊجيسٽمينٽ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي.” ن ليگ اڳواڻ ٻڌايو ته ” نواز شريف ۽ آصف زرداريءَ وچ ۾ ٿيل آخري ٽِن ملاقاتن ۾ سيٽ ايڊجيسٽمينٽ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، آصف زرداري مطالبو ڪيو ته 10 کان 15 سيٽن تي ن ليگ سڌي سئين پيپلزپارٽي جي اميدوارن جي حمايت ڪري، پ پ جي انهن 10 کان 15 اميدوارن سامهون ن ليگ اميدوار نه بيهاري، جنهن تي نواز شريف، آصف زرداري کي پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي سان گڏجاڻي ڪري ان بعد ئي حتمي جواب ڏئي سگهندو.”

نواز شريف ۽ آصف زرداري وچ ۾ ٿيل ملاقاتن بابت سنڌسماءَچار پاران پيپلزپارٽي جي ٽِن اڳواڻن سان رابطو ڪري معلومات وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، جن صرف ايترو ٻڌايو ته، هڪ اڳواڻ ٻڌايو ته“ آصف زرداري ۽ نواز شريف وچ ۾ عيدالاضحيٰ کان اڳ ۾ 3 ملاقاتون ٿيون، جن مان هڪ ملاقات ۾ مريم نواز به موجود هئي، مريم نواز ملاقات دوران آصف زرداري جي ڪنهن ڳالهه تي ڪاوڙجي ميٽنگ مان اٿي هلي وئي هئي، ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ناهي ته مريم نواز ئي پنجاب اندر پ پ ۽ ن ليگ وچ ۾ سيٽ ايڊجيسٽمينٽ جي مخالف آهي.”

ان سلسلي ۾ دبئي ۽ ۾ رهندڙ پيپلزپارٽي جي قيادت جي انتهائي بااعتماد سنڌ حڪومتي جي اڳوڻي ڪاموري سان رابطو ڪيو ويو ته هن آصف زرداري ۽ نواز شريف جي ملاقاتن بابت سنڌ سماءَچار کي ٻڌايو ته، “ آصف زرداري ۽ نواز شريف جي وچ ۾ پنجاب اندر سيٽ ايڊجيسٽمينٽ، وفاقي، بلوچستان، پنجاب ۽ ڪي پي جي نگران حڪومتن بابت به ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن ۾ هن نگران وزيرن ۽ صلاحڪارن لاءِ ڪجهه نالا به ڏنا، سيٽ ايڊجيسٽمينٽ واري معاملي تي ڳالهين دووران نواز شريف پارٽي جي ڪجهه سينيئر ۽ بااعتماد اڳواڻن جي سفارش تي مريم نواز کي به گڏ ويهاريو هو، کيس مليل ڄاڻ مطابق مريم نواز پ پ پ سان سيٽ ايڊجيسٽمينٽ جي سڄي پنجاب ۾ مخالفت ڪئي، ساڳئي وقت هن فقط چئن پ پ اڳواڻن جي  سامهون ن ليگ جا ڪمزور اميدوار بيهارڻ ۽ ڀرپور ورڪ نه ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪيو هو، جن مان ٻه پنجاب اسيمبلي ۽ ٻه قومي اسيمبلي جا تڪ شامل آهن، آصف زرداري ۽ نواز شريف کي هيءَ عيدالاضحيٰ دبئي ۾ ئي ملهائڻي هئي پر مريم نواز  جي موقف سبب آصف زرداري واپس وطن موٽي آيو، عيد  جي پهرين ٻن ڏينهن دوران آصف زرداري ۽ نواز شريف جون ملاقاتون به شيڊيول ٿيل هيون”.

About Ahmedbilal

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *