Monday , April 29 2024

سنڌ ۾ڪرونا جي وبا هڪ ڏينهن ۾ 50 حياتيون ڳڙڪائي وئي، صرف ڪراچي 44 مريض فوت

ڪراچي (چيف رپورٽر   سنڌسماءَچار) سنڌ ۾ وبائي مرض ڪرونا تيزي سان ماڻهن جون حياتيون ڳڙڪائڻ لڳي، هڪ ڏينهن دوران 50 مريض فوت، صرف ڪراچي شهر اندر 18 عورتن سميت 44 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آحن، سنڌ ۾ مريضن جو انگ 65 هزار 200 ٿي ويو آهي. سڄي سنڌ ۾ تيزي سان پکڙجي ويل ڪرونا جي وبا ۾ گذريل 24 ڪلان دوران 50 مريض فوت ٿي ويا آحن جنهن بعد مريضن جو انگ وڌي هڪ هزار 20 ٿي ويو آهي. سنڌ ۾ وبا متاثرن جو مجموعي انگ 65 هزار 200 ٿي ويو آهي، جنهن ۾ تيزي سان واڌ تٿي رهي آهي، هجٿ ڪيل انگن اکرن مطابق ڪراچي شهر اندر گذريل 24 ڪلاڪن دوران 18 عورتن سميت 44 ڄڻا فوت ٿي ويا.ڪراچي ۾ ڪرونا متاثرن جا هڪ هزار 626 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آحن، حيدرآباد ۾ 64، خيرپور ضلعي اندر هڪ ڏينهن  اندر متاثرن جو انگ 164، گهوٽڪي ضلعي ۾45 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. بينظيرآباد ضلعي ۾ 17، سکر 30،لاڙڪاڻي ۾ 29، ڪشمور ۾ 7، ڄامشورو ۾ 62 ۽ دادو ۾ 22 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. صحت کاتي رپورٽ مطابق 24 ڪلاڪن دوران 13 هزار 642 ماڻهن جي ڪرونا ٽيسٽ ڪئي. شڪارپور ۾ 9، جيڪب آباد 7، مٽياري، عمرڪوٽ، ميرپور خاص، ۾ 6-6 ڄڻن جي ڪرونا ٽيسٽ پازيٽو آئي آهي. ٽنڊو الهيار، ٽنڊو محمد خان ۾ 3-3، قمبر ۽ سجاول ضلي ۾ 2-2 ڄڻن جون رپورٽس پازيٽو آيون آهن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *