Saturday , April 27 2024

تعليم، ثقافت ۽ سياحت کاتي ۾ ڪرپشن، سردار شاهه ۽ ڪامورن خلاف جاچ جون تياريون، لکت ۾ ثبوت تيار

تعليم، ثقافت ۽ سياحت کاتي ۾ ڪرپشن، سردار شاهه، ڪامورن، صحافين، اين جي اوز، نجي پبلشرز ۽ لاڳاپيل خانگي ادارن کي به جاچ ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد سنڌسماءَچار) تعليم، ثقافت ۽ سياحت کاتي جي اڳوڻي صوبائي وزير سيد سردار شاهه خلاف گهيرو تنگ، ڪامورن لکت ۾ بيان تيار ڪري ورتا، جاچ ادارن صحافين، ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪيل ملازمن ۽ ڪتابن جي ڇپائي ڪندڙ نجي پبلشرز، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي ڪامورن کي به جاچ ۾ شامل ڪرڻ جو به فيصلو. پيپلزپارٽي جي تازو ختم ٿيل سنڌ حڪومت دوران تعليم کاتي جو وزير سردار شاهه ۽ سيڪريٽري اڪبر لغاري، ثقافت کاتي، سنڌ  ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي ڪامورن پاران ڪيل ڪرپشن بابت مختلف جاچ ادارن پاران جاچ جي تياري ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق تعليم، ثقافت ۽ سياحت کاتي ۽ ان سان لاڳاپيل ادارن ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت دوران پگهارن ۽ پينشن کانسواءِ خرچ ڪيل بجيٽ ۾ ٿيل ڪرپشن جي جاچ شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن جي شروعات ٿي وئي آهي. جنهن جي پهرين ڪڙي طور تعليم کاتي جي سيڪريٽري نجي ٽي وي چئنل کي ڏنل انٽرويو ذريعي ڪري ڇڏيو آهي، ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته اڪبر لغاريءَ کي به نجي ٽي وي ذريعي بيان ڏياريو ويو آهي، جنهن انٽرويو ۾ اڪبر لغاري اقرار ڪيو آهي ته سنڌ ۾ ڪو به ڊي اِي اوز کي مقرر ڪرڻ جو اختيار نه هو هُو صرف سياسي مداخلت تي انهن کي مقرر ته ڪندو هو پر اُهي سندس ڪو به حڪم نه مڃيندا هئا. تعليم جي تباهي به سياسي مداخل سبب ٿي آهي. اڪبر لغاري پاڻ بچائڻ ۽ رٽائرمينٽ جي مرحلي ۾ رڪاوٽون پوڻ جي خدشي کان بچڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق، جاچ ادارن خاص طور نيب ۽ اينٽي ڪرپشن اينڊ انڪوائريز کاتي پاران تعليم، ثقافت ۽ سياحت کاتن ۽ انهن سان لاڳاپيل ادارن ۾ ٿيل ڪرپشن ۽ ان ڪرپشن ۾ ڀاڱي ڀائيوار رهندڙ سيڪريٽريز، ڊي جيز سميت لاڳاپيل ڪامورن کان معلومات گڏ ڪئي پئي وڃي، ان لاءِ اينٽي ڪرپشن کاتي جي ٻه کان چئن آفيسرز کي ذميواريون ڏنيون ويون آهن. سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران ڇپرايل درسي ڪتابن جي بجيٽ ۾ ٿيل ڪرپشن جي به جاچ ڪئي  ويندي، ثقافت کاتي ۾ سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق ثقافت کاتي پاران 15 سالن دوران چپرايل ڪتابن، ڪتابن جي ترجمن، مخلتف نجي ادارن، تنظيمن يا اين جي اوز  سان گڏيل طور تي ڪرايل پروگرامن ۽ ميلن جي بجيٽ جي به جاچ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي؛ ان لاءِ   نجي پبلشرز کي به جاچ ۾ شامل ڪيو ويندو.

About Ahmedbilal

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *