Saturday , April 27 2024

آءِ جي سنڌ جو لاڙڪاڻي ڊويزن جو دورو، امن نه ٿيو، مدئجي ۾ برادري دهشتگردي 4 ڄڻا قتل

شڪارپور(خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي  امن امان قائم رکڻ لاءِ لاڙڪاڻي ڊويزن جي دوري دوران برادري دهشتگري جي نتيجي ۾ چار ڄڻا مارجي ويا،2 ڄڻا اغوا، دهشتگردن جي هڪٻئي تي جديد هٿيارن سان فائرن جو سلسلو جاري. آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ لاڙڪاڻي ڊويزن جي ڪشمور، شڪارپور، قمبر_شهدادڪوٽ ضلعن ۾ امن امان قائم رکڻ ۽ ڏوهارين جي خاتمي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي سلسلي ۾ دوري تي پهتل آهي، آءِ جي سنڌ جي موجودگي دوران مدئجي ويجهو ڳوٺ ٻڪرار ناريجو ۾ خروسن ۽ ناريجن جي ٻن دهشتگرد ڌرين جي وچ ۾ جهيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ چار ڄڻا مارجي ويا، حملو ڪندڙ دهشتگرد ٻي ڌر جي ٻن ڄڻن کي اغوا ڪري ڪري سندن 45 ڍور به ڪاهي ويا. دهشتگردن جي فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ربنواز ناريجو، صالح ناريجو، عبدالرزاق ککراڻي ۽ آفتاب عرف عارف خروس مارجي ويا، مارجي ويل هڪ ڄڻي عبدالرزاق ککراڻي بابت معلوم ناهي ٿي سگهيو ته اُهو ڪنهن ڌُر سان گڏ هو يا علائقي واسي واٽهڙو هو. خروس واري ڌر دعويٰ ڪئي آهي ته مٿن ناريجن واري ڌر حملو ڪري فائرنگ ڪئي جنهن ۾ اسان جا ٻه ڄڻا مارجي ويا، جوابي فائرنگ ۾ حملو ڪندڙن جا به ٻه ڄڻا مارجي ويا آهن، ناريجا اسان جا ٻه ڄڻا ظهير ۽ ياسين خروس کي اغوا ڪري  45 ڍور به ڪاهي ويا آهن.

About Ahmedbilal

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *