Saturday , April 27 2024

ڊائريڪٽر پريس زينت جهان پاران صحافين کي اڪريڊيشن ڪارڊز جاري ڪرڻ کان انڪار،حاضريون ڀرڻ لاءِ ڌمڪيون

ڪراچي (رپورٽر/ اي پي پي) سنڌ جي سُڌسماءَ واري کاتي جي ڊائريڪٽر پريس زينت جهان 30-30 سالن کان صحافت ڪندڙن کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪندي کين ايڪريڊيشن ڪارڊ جاري ڪرڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو، ڪارڊ جاري نه ڪرڻ جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ تي صحافين سان بدڪلامي ۽ نوڪرين مان ڪڍرائڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ لڳي، صحافين پاران کيس فوري طور تي عهدي تان هٽائي سندس خلاف جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. ڪراچي جي صحافين ڊائريڪٽر پريس انفارميشن زينت جهان کي سندس پوسٽ تان هٽائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. صحافين جو چوڻ آهي ته هو پروفيشنل صحافين کي اڪريڊيشن ڪارڊ جاري ڪرڻ کان انڪار يا دير جا حربا هلائي رهي. صحافين جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت پاران صحافين کي سندن پيشيواراڻين ذميوارين جي ڏس ۾ سهوليت ڏيڻ لاءِ اڪريڊيشن ڪارڊ جاري ڪيو ويندو آهي ته جئين هو بهتر انداز ۾ پنهنجون صحافتي ذميواريون نڀائي سگهن پر ڊائريڪٽر پريس انفارميشن صحافين کي ان سهوليت کان محروم رکڻ لاءِ مختلف بهانا ڪندي رهي ٿي جنهنڪري ڪيترائي صحافي اڪريڊيشن ڪارڊ جي سهولت کان محروم آهن. جمعي ڏينهن صحافين وڏي وزير جي مشير مرتضيَ وهاب کان موجوده ڊائريڪٽر پريس انفارميشن کي  بنا دير کيس عهدي تان هٽائي سندس خلاف جاچ جو مطالبو ڪيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *