Saturday , April 27 2024

آغا سراج دراني جي تڪ ڳڙهي ياسين ۾ 11 ارب رپين جي ڪرپشن، اهم گرفتاريون

ڪراچي/ سکر(رپورٽ: اصغر آزاد    سنڌسماءَچار) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ مڪاني ادارن جي اڳوڻي صوبائي وزير آغا سراج دراني ۽ سندس ويجهن ماڻهن خلاف نيب وڌيڪ ڪارروايون شروع ڪري ڏنيون آهن، آغا سراج جي اباڻي تعلقي ڳڙهي ياسين جَي ٽي ايم اي ۾ ٿيل 11 ارب رپين جي ڪرپشن ڪيس ۾ اڳڀرائي ٿي آهي، نيب ڪرپشن ريفرنس داخل ڪرڻ کانپوءِ ملوث ماڻهن جون گرفتاريون شروع ڪري ڏنيون آهي، ٺيڪيدار اسدالله شيخ کانپوءِ شبير ميمڻ کي به گرفتتار ڪيو ويو آهي، ٻي طرف نيب پاران گرفتار ڪيل آغا سراج جو 12 اپريل تائين جسماني رمانڊ به حاصل ڪيون آهي. نيب  سکر ڊائريڪٽوريٽ پاران ڳڙهي ياسين ٽائون ميونسپل ايڊمنسٽريشن جي ترقياتي فنڊز سميت مختلف مدن ۾ جاري ٿيل 11 ارب رپين ۾ ڪيل مبينا ڪرپشن جو ريفرنس احتساب عدالت ۾ داخل ڪيو ويو آهي. ريفرنس داخل ٿيڻ کانپوءِ نيب الزامن هيٺ آيل جوابدارن جون گرفتاريون شروع ڪيون ويون  آهن. نيب ٻن ڏينهن دوران مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي ٽي ايم اي ڳڙهي ياسين جي ٻن ٺيڪيدارن اسدالله شيخ ۽ غلام شبير ميمڻ کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي، ٻنهي ٺيڪيدارن کي سومر ڏينهن سکر جي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. نيب سکر جي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق، آغا سراج دراني جي مڪاني ادارن واري کاتي جي وزير هجڻ واري دور دوران شڪارپور، گهوٽڪي ۽ سکر جي مختلف ٽائون ايڊمنسٽريشنز ۾ ترقياتي منصوبن، ملازمن جي پگهارن، گاڏين جي تيل، مرمت سميت ٻين مدن جي نالي تي فائلز جو پيٽ ڀري خرچيل رقمون ڪڍرائڻ وارن معاملن جي به جاچ ڪئي پئي وڃي. نيب ذريعن  جو چوڻ آهي ته، ان سلسلي ۾ جاچ آخري مرحلي ۾ آهي، جنهن جي جائزي بعد ڪارروائي ڪئي ويندي.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *