Tuesday , March 19 2024

ملير جيل ۾ قيدي جي پنهنجي ساٿي قيدي جي ڌيءُ سان جيل ۾ شادي

ڪراچي (سنڌسماءَچار    مانيٽرنگ ڊيسڪ) ملير ڊسٽرڪٽ جيل ۾ قيدي جي بيحد اسرار تي سندس شادي جو ڪاڄ ٿيو.جنهن ۾ هڪ قيدي ۽ ٻئي قيدي جي نياڻي جي شادي جي تقريب ٿي،جنهن دوران پوليس اهلڪارن ۽ قيدين ناچ ڪري خوشين ۾ اضافو ڪري ڇڏيو. جيل انتظاميا مطابق قيدي محمد راشد جي نياڻي جي نڪاح جو انتظام جيل ۾ ڪيو ويو.تقريب ۾ قيدين ۽ پوليس اهلڪارن جهمريون پاتيون،جنهن سان خوشين ۾ اضافو ٿي ويو. تقريب ۾ گهوٽ ۽ ڪنوار کي جيل سپريٽينڊنٽ حسن سهتي پاران سوکڙيون ڏنيون ويون. هن ٻڌايو ته جيل قاعدن تحت سزا هجڻ سبب قيدي پنهنجي نياڻي جي شادي ۾ شريڪ ٿي نٿي سگهيو.پر هن جي نياڻي جي نڪاح ۾ شرڪت جي خواهش کي سامهون رکندي سندس شرڪت جو بندوبست ڪيو ويو.

About Asghar Azad

Check Also

ملير جي سومار ڳوٺ ۾ پاڻي جي کوٽ، رهواسين جو احتجاج

ملير (رپورٽر   سنڌسماءَچار) سومار جوکيو ڳوٺ جي رهواسين پاڻي جي کوٽ خلاف ملير پريس ڪلب …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *