Friday , April 26 2024

اسان سڀ دهشتگرد آهيون…!! – الھ بخش راٺوڙ

rathore
نوشهري فيروز جي صحافين نه ڪنهن جي ملڪيت کي نقصان پهچايو.نه ڪنهن کي پٿر هنيو.نه ئي ڪنهن جي جان ورتي آهي.هنن ته ڪو مڇر به نه ماريو.ان باوجود صحافين زاهد راڄپر،مظهر خاصخيلي،غلام مصطفيٰ ٽڳڙ سميت پنجن صحافين تي اينٽي ٽيررسٽ ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو.ايترو ئي نه صحافي زاهد راڄپر جي گهرواريءَ جي خلاف به دهشتگرد ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو.شرم ۽ حياءَ جون سموريون حدون پار ڪندي هڪ عورت ، جيڪا گهر جو وهنوار سنڀالي ٿي ان تي به الزام هنيو ويو ته اها ڀتي وٺڻ ۾ ملوث آهي.! صحافين سان ان زيادتي جي خلاف جڏهن نوشهري فيروز جا صحافي ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران احتجاج لاءِ پهتا ته ڪنهن کي به يقين نٿي آيو ته حد جو ايس ايس پي پرويز چانڊيو اهڙو ڪڌو ڪم ڪري سگهي ٿو.هي پهريون موقعو ناهي جو نوشهري فيروز جي صحافين خلاف سنگين نوعيت جا الزام هڻي دهشتگردي جي خاتمي جي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو.ان کان اڳ ۾ صحافي اخلاق جوکئي ۽ ٻين خلاف به ساڳي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو هو.انهن صحافين کي سکر جي دهشتگردي جي خاتمي جي عدالت سزا به ٻڌائي جنهن کي سنڌ هائي ڪورٽ ختم ڪري کين آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو هو.هاڻ وري ساڳي پوليس عملدار تاريخ کي ورجايو آهي.
نوشهري فيروز جو ايس ايس پي، جنهن جو ڪو چڱو ريڪارڊ ناهي.هن جي هلڪڙائپ جا قصا به عالم آشڪار آهن.هن هميشه قانون جو غلط استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.هن خلاف ڊيپارٽمينٽل جاچ پڙتال به ٿيندي رهي آهي، پر تازوئي هن لکين رپيا ڏئي ڪري پنهنجي خلاف جاچ کي پنهنجي حق ۾ ڪرايو.هن قسم جا پوليس عملدار ڪهڙا پاپ پالين ٿا.؟هو ڪهڙن وڏيرن جي ڪمداري ڪن ٿا.؟انهن جون ونگارون وهن ٿا، ڪيئن بي گناهه شهرين کي اغوا ڪري انهن سان تعديون ڪن ٿا.؟ان سان گڏ هنن انساني حقن جون جيڪي ڀڃڪڙيون ڪيون آهن، ان جي سنڌ هائي ڪورٽ جاچ جو حڪم ڏئي ته دهشتگرديءَ خلاف ايڪٽ تحت هي پوليس عملدار چالان ٿي ويندا.!
Journalist02
جنهن ويل نوشهري فيروز جي صحافين اهو ٻڌايو پئي ته هنن پوليس عملدارن سندن جيئن جنجال ڪري ڇڏيو آهي، هو کين پنهنجو فرض نڀائڻ نٿا ڏين.هي ته هميشه چاهين ٿا ته صحافي انهن جا قصيدا لکندا رهن.پر شايد هو اهو وساري ويهن ٿا ته سمورا قلم سندن قصيدن لکڻ لاءِ نه هوندا آهن.هي قلم ئي آهي، جنهن جي حرمت رکڻ صحافين جي فرض ۾ شامل آهي.جيڪڏهن صحافي وڏيرن جا ڪمدار ٿي وڃن، جيڪڏهن اهي ڏاڍن اڳيان جهڪي پون.جيڪڏهن اهي چند ٽڪن جي عيوض پنهنجي ضمير جو سودو ڪري ڇڏين ته پوءِ صحافت نه پر وڏيرن جي منش گيري ڪرڻ گهرجي.پوءِ عام ماڻهوءَ جو ڪيس ڪير وڙهندو؟ پوءِ اهي جهونيون عورتون، جن جي پينشن کي پرويز چانڊئي جهڙا پوليس عملدار هڙپ ڪندا رهيا.جيڪي پوليس اهلڪارن کي ويزا تي موڪلي ماهوار لکين رپيا ڪمائين ٿا.هي پوليس اهلڪارن جون وڌايل پگهارون هڙپ ڪندا رهيا آهن،ڇا ان جي ڪو جاچ ڪندو؟ هي جهونيون عورتون جيڪي پنهنجا هٿ مٿي کڻي صحافين جو دعائون ڏين ٿيون.هي مسڪين جن جي مسئلن لاءِ صحافي پنهنجي قلم جو استعمال ڪن ٿا.اهي مسڪين جن سان زيادتيون ٿين ٿيون، انهن جي ڏکن جو مداوو هي قلم ڌڻي ڪن ٿا.هي پوليس اهلڪار چاهين ٿا ته صحافي هٿ هٿ تي رکي ويهي رهن.جيڪڏهن معاشري مان مزاحمت ختم ٿي وڃي.جيڪڏهن سڀئي قلم ڌڻي هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏين ته پوءِ هيڻن جو ڪير حامي ٿيندو؟
پرويز چانڊئي جي لاءِ سندن ويجها دوست ڇا ٿا چون اهو ته خانگي محفلن ۾ ٻڌي سگهجي ٿو.هن جي ڪارگذارين کان سڀ واقف آهن.جيڪي هن جي لاڙڪاڻي واسين کان شاهدي ورتي وڃي ته هن قسم جي پوليس عملدارن جي ڪهڙي حيثيت آهي.هنن ته ڪڏهن پنهنجي ورديءَ جو به ڀرم نه رکيو آهي.جيڪڏهن هي قانون سان کلواڙ ڪندا رهيا ته کين ڪير حدن ۾ رکندو؟ هاڻ ته هن قسم جا پوليس عملدار چون ٿا ته سندن آئي جي سنڌ به ڪجهه ڪونه ٿو بگاڙي سگهي.هنن مطابق سنڌ سرڪار ته آئي جي سنڌ کي لائين حاضر ڪري ڇڏيو آهي.!هو سمجهن ٿا ته هاڻ پوليس عملدار جيڪو چاهين ڪن ،انهن خلاف ڪابه ڪارروائي ٿي نٿي سگهي.پر شايد هو غلط فهميءَ جو شڪار آهن.قانون تي عمل ڪرائڻ رڳو آئي جي ، جو ڪم ناهي.سنڌ جون عدالتون ۽ انتظاميا به آهن.اهي به اهڙن پوليس عملدارن کي ڏينهن جا تارا ڏيکاري سگهن ٿا.
نوشهري فيروز پوليس جي صحافين خلاف چنگيزيت جو مظاهرو ڪيو ويو آهي، ڇا سنڌ جو سڌ سماءَ جو وزير ناصر شاهه ان کان لاعلم آهي؟ ڇا گهرو وزير سهيل انور سيال جنهن وزارت جو قلمدان سنڀاليندي ئي پوليس کي داٻا ڏيڻ شروع ڪيا آهن، ان اکيون بند ڪري ڇڏيون آهن؟ سنڌ سرڪار جيڪا هاڻ ننڍن ننڍن معاملن تي الرٽ آهي، اها نوٽيسن مٿان نوٽيس وٺي ٿي.اهي سڀئي پوليس سان مليل آهن.ڇا اهي چاهين ٿا ته قلم ڌڻي صحافي انهن جي قدمن ۾ جهڪن؟ هي اهي صحافي آهن، جن مارشل لا جي ڏينهن ۾ جيالن سان گڏجي مارون کاڌيون.هي ساڳيا قلم ڌڻي آهن، جن فوجي آمرن کي مات ڏني.هي اهي آهن،جن پنهنجو الهه تلهه لٽائي سول حڪمرانيءَ جي سج اڀارڻ جي ڪوشش ڪئي.هي ساڳيا صحافي آهن،جتان جا پريس ڪلب عوام جي عدالت جو روپ ڌاري چڪا آهن ۽ انهن هميشه حڪمرانن کي سڌو رستو ڏيکاريو آهي.ان جي باوجود سنڌ جا حاڪم اگهور ننڊ ۾ ڇو ستل آهن؟ انهن کان هڪ پوليس عملدار طاقتور ڇو آهي؟ ڇا قانون جو ڪو وزير ، ڪو رکوالو آهي؟ جيڪڏهن سنڌ جو وڏو وزير قانون جي حڪمراني ۾ يقين رکي ٿو ته پوءِ نوشهري فيروز جي پوليس جي ظلم ۽ جبر جو نوٽيس وٺي.جيڪڏهن هنن لاڳاتار ڪن لاٽار ڪئي ته سنڌ جا سمورا صحافي نوشهري فيروز جي صحافين سان احتجاج ۾ گڏ هوندا.هو وساري ويهن ٿا ته پوءِ ڪا سوديبازي ٿيندي. ڪا راڄوڻي ٿيندي.
نوشهري فيروز جي صحافين جي خلاف پوليس گردي کانپوءِ سونهري موقعو آهي ته سموري سنڌ جا صحافي اٿي کڙا ٿين ۽ پنهنجن پنهنجن مسئلن لاءِ سراپا احتجاج ٿين.ان کانسواءِ ٻيو ڪوبه گس ناهي.نوشهري فيروز جي صحافين جو رڳو ايترو گناهه آهي نه ته انهن ايس ايس پي آفيس جي انتهائي بدعنوان اڪائونٽ آفيسر جي خلاف ثبوت ميڊيا ۾ آڻي ، عوام جي اڳيان کيس وائکو ڪيو؟ هي “ڏوهه” وري وري ڪرڻ جي ضرورت آهي.ايس ايس پي پرويز چانڊئي جهڙا پوليس عملدار جنهن مشن تي آهن، هي صحافي ئي انهن کي وائکو ڪري سگهن ٿا.معصوم شهرين کي ٻڌي، انهن کان لکين رپيا وٺڻ ته هنن جو ڌنڌو آهي.اهڙين ڌنڌوڙين جي خلاف صحافين جو سراپا احتجاج ٿيڻ فطري آهي.اچو ته سنڌ جا سمورا صحافي هن تحريڪ جو حصو ٿيون ته جيئن پوليس کي ڇٺي جي ٿڃ ياد اچي وڃي؟

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *