Monday , March 25 2019
uren

حوائون نه روڪيو : فوزيا سعيد

 

ملڪ جي ماءُ اسيمبليءَ وارو درجو رکندڙ سنڌ اسيمبليءَ ۾ جيڪو پ پ جي مرد ميمبر ۽ صوبائي وزير امداد پتافيءَ، فنڪشنل مسلم ليگ جي عورت ميمبر نصرت سحر عباسي لاءِ ڳالهايو، ان تي ايستائين گهڻو ئي ڳالهايو ويو آهي. ميمبر پاران استعمال ڪيل ذو معنيٰ جملن مان اهو واضح ٿئي ٿو ته امداد پتافي پنهنجي پاور جي زور تي مخالف ڌر جي عورت ميمبر کي هراسان ڪرڻ ۽ هيسائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هي معاملو رڳو سنڌ اسيمبليءَ ۾ پيش آيل ان واقعي تائين محدود ناهي پر، اهڙا لقاءُ ٿوري گهڻي فرق سان ملڪ جي اعليٰ ايوانن کان وٺي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ به ٿين ٿا. اتي به مختلف طريقن ۽ اٽڪلن سان پنهنجي پاور جي زور تي مرد حضرات عورتن کي هراسان ڪري لُطف حاصل ڪندا آهن. اهو عمل تڏهن ئي گهٽبو، جڏهن عورتن کي هراسان ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ جوڙيل قانونن تي مڪمل طور عمل ٿيندو.

اينٽي سيڪسوئل هراسمينٽ قانون موجب، قومي اسيمبليءَ، سينيٽ ۽ صوبائي اسيمبلين کي جيڪي اهڙن واقعن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ لاءِ ڪاميٽيون جوڙڻيون هيون، اهي اڃان تائين نه جڙي سگهيون آهن. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته سينيٽ چيئرمين ميان رضا ربانيءَ جي ڪوششن سان سينيٽ ۾ جوڙيل اهڙي ڪاميٽيءَ جو هڪ ٻن ڏينهن اندر اعلان ڪيو ويندو. ٽن ميمبرن تي مشتمل ان ڪاميٽيءَ ۾ هڪڙي عورت ميمبر جو هجڻ لازمي قرار ڏنل آهي. جيستائين ڪنهن کي سزا نه ملندي ۽ هراسان ڪرڻ کان روڪڻ واري قانون ۾ گهربل ترميمون ڪري، اُن کي عملي طور لاڳو نه ڪيو ويندو، تيستائين اسانکي اهڙا واقعا ۽ منظر ڏسڻ لاءِ پيا ملندا، جهڙو ٻه ڏينهن اڳ سنڌ اسيمبليءَ ۾ ڏٺوسين. ان کان اڳ قومي اسيمبليءَ ۾ ملڪ جي دفاع واري وزير خواجه آصف پاران پي ٽي آءِ جي عورت ميمبر شيرين مزاري لاءِ چيل نامناسب جملا به ان جو هڪڙو مثال آهن. جن 2010ع ۾ جنسي هراسمينٽ روڪڻ لاءِ قانون جوڙايو هو يا اسانجي وڌ کان وڌ مدد ڪئي هئي، اُن جو وڏو ڪريڊٽ به کنيو هو، انهن مان ڪجهه اڄ به ايوانن ۾ ويٺل آهن. ان وقت کٽيو کائڻ لاءِ ۽ داد وصول ڪرڻ لاءِ تاڙيون ته وڏيون وڄرايون ويون پر، هاڻي انهن مان اڪثريت ان قانون کي عمل ۾ آڻڻ کان لنوائي رهي آهي يا رڪاوٽون کڙيون پئي ڪري. قانون ٺاهيندڙن جو جڏهن ڪو دوست ان قانون جي وڪڙ ۾ ايندو آهي ته، اهي يا ته ان قانون کي ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪن ٿا يا ان جي لاڳو ٿيڻ ۾ رڪاوٽون کڙيون ڪن ٿا يا وري سفارشي ٿي پنهنجي دوست کي بچائڻ جا جتن ٿا ڪن.

پنجاب ۾ پنجاب يونيورسٽيءَ جي هڪ ڪاليج جي پرنسپال ڊاڪٽر افتخار حسين خلاف اٽڪل 18 عورتن، هراسان ڪرڻ جي وائيس چانسلر ۽ لاڳاپيل ادارن کي درخواست ڪئي هئي، جنهن کي اسيمبليءَ، پنجاب جي گورنر، پنجاب جي وزيراعلى ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ نوڪريءَ مان برطرف ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا، جنهن جو ڪيس آخر ۾ ايوان صدر تائين پهچايو ويو، جنهن کي صدر صاحب معافي ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي معافي جو ان وقت ڪو ڀرم نه رهيو، جڏهن پنجاب يونيورسٽيءَ جي شاگردن، شاگردياڻين ۽ استادن ان خلاف وڏا احتجاج ڪيا ۽ استاد کي ٻيهر نوڪريءَ تي اچڻ نه ڏنو. چيو ٿو وڃي ته اهو همراهه پاڻ کي وزير اعظم ميان محمد نواز شريف جو ڪاليج جي زماني جو ڪلاس فيلو سڏرائيندو آهي، ان ڪري کيس بچايو پئي ويو. مون ان خلاف پاڻ وزير اعظم کي شڪايت ڪئي هئي ۽ اهو به چيو هو ته، توهان جي ڪلاس فيلو هجڻ جو چئي هو اهڙا ڪڌا ڪم ٿو ڪري، توهان کي ان معاملي جي خبر هجڻ گهرجي پر، ان باوجود اهڙي ماڻهوءَ کي بچائڻ جا جتن ڪيا ويا. اسان جي ملڪ ۾ پاور ۾ ويٺل مردن جو مردن سان وڏو اتحاد آهي. اسان وٽ وڏي بدقسمتي اها به آهي ته اهڙا حساس ڪيس به پهرين ميڊيا ۾ وڃن ٿا، اتي انهن تي بحث ٿئي، ٿو پوءِ لاڳاپيل ادارن تائين پهچن ٿا، جيڪو غلط آهي. اسان پهرئين ڏينهن کان ان خيال جا آهيون ته ميڊيا ۾ اهڙا ڪيس پهچڻ کان اڳ لاڳاپيل ڪاميٽين ۾ وڃن ۽ اتي ئي اُڪلايا وڃن، پر ائين نٿو ٿئي. عورتن کي جنسي طور هراسان ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ آندل قانون جي پاس ٿيڻ وقت به ” مرد مجاهدن “ مخالفت ڪئي هئي، هاڻي به ساڳي ذهانت ان جي مخالفت ڪري رهي آهي.

ڪم واري جاءِ تي عورتن کي هراسان ڪندڙن خلاف ڪيس/درخواستون ادارن اندر جڙيل سيلن/ ڪاميٽين ۾ وڃن ٿيون يا وري لاڳاپيل محتسب اعليٰ جي آفيس ۾ وڃن ٿيون، اتان وري معافيءَ لاءِ ايوان صدر وڃن ٿيون. ڇاڪاڻ ته معافي ڏيڻ جو قانوني حق صرف صدر کي آهي. ايوان صدر ۾ هن وقت اهڙن ڪيسن کي خبر ناهي ته ڪهڙي ٽيم يا ماڻهو ڏسي ٿو، جن وٽ اهڙي ڪا جادوئي لٺ آهي، جو اُتي ويجهڙ ۾ ويل سمورن جوابدارن کي بري ڪيو ويو آهي. مطلب ته معاف ڪيو ويو آهي، جيڪا انتهائي ڏکوئيندڙ ڳالهه آهي. هي اهڙو قانون آهي، جيڪو اڃان مڪمل طور لاڳو به نه ٿيو آهي، پر ڪيترائي با اثر مرد آهن، جيڪي ان ۾ پنهنجي منشا ۽ مرضيءَ جون ترميمون ڪرائڻ چاهين ٿا، ڇاڪاڻ ته هي اهڙو قانون آهي، جنهن ۾ وارو کائيندڙ ترميمون چاهيندڙن مان يا ته ڪنهن جو ڀاءُ، يا ڪنهن جو استاد، ڪو دوست ۽ رشتيدار ان جي جڪڙ ۾ اچي ٿو، تنهن ڪري اهڙا ماڻهو چاهين ٿا ته قانون مان اصل ڏنگ ترميم سان ڪڍرائجي پر اڃان تائين ته اسان ائين ٿيڻ کان روڪڻ ۾ ڪامياب پيا وڃون، ڏسون ته ڪيستائين ٿا ڪامياب رهون.

عورتن جي لاءِ هن ملڪ ۾ ايستائين جيڪا به قانونسازي ٿئي آهي، اها اڃان بنيادي قانون سازي آهي. اڃان ته رڳو اسان لاءِ اها قانونسازي ٿئي آهي ته، اسانکي تحفظ ڏنو وڃي ۽ اسان کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي. اسان ته صرف اهو ٿيون چئون ته، اسان مٿان تيزاب نه هاريو، اسانکي ڪاري ڪري نه ماريو، اسان کي قرآن مجيد سان نه پرڻايو ۽ اسانجو حق نه بخشرايو، باقي زندگي جا مرحلا ۽ معاملا ته اڃان اڳتي آهن. ٻيا حساس معاملا ته اڃان اڳتي آهن، جن جي حقن جي ڳالهه ته اسان اڃان ڪئي ناهي. رڳو جيئڻ جو حق ٿيون گهرون، ان حق کان به انڪار ڪيو پيو وڃي. ايوانن ۾ ويٺل عورت ميمبرن کي هراسان ڪرڻ خلاف قانون کي بچائڻ ۽ لاڳو ڪرائڻ لاءِ گڏجي بيهڻ گهرجي ۽ ميڊيا کي به هن قانون کي تحفظ ڏيارڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هي بهترين قانون آهي، جيڪو عورتن کي بگهڙن کان تحفظ ڏيارڻ جي سگهه رکي ٿو.

اينٽي هراسمينٽ قانون اچڻ کانپوءِ ملڪ جي تقريبن يونيورسٽين، ايستائين جو لاهور يونيورسٽي آف مئنيجمينٽ اينڊ سائنسس (لمس) جهڙن ادارن مان به عورتن جون درخواستون آيون آهن ۽ يونيورسٽي مان ملازم ۽ استاد ڪڍيا ويا آهن. ملڪ جي تقريبن اعليٰ تعليمي ادارن مان اهڙيون جنسي هراسمينٽ واريون شڪايتون لاڳاپيل ادارن ۾ اينديون رهنديون آهن، اسان پنهنجون رڳو ان ڳالهه تي زندگيون ڏئي ڇڏيون آهن ته، اسان کي عزت سان جيئڻ ڏيو. ان گهر جي خلاف به ”مجاهد مرد“ مزاحمت ڪري رهيا آهن.

ايوانن ۾ جيترو جلدي ٿي سگهي، ايوانن جا سربراهه اينٽي سيڪسوئل هراسمينٽ قانون تحت ڪاميٽيون جوڙين ۽ اهڙا سمورا ڪيس اُتي وڃڻ گهرجي. هي ته اُهي ڪيس آهن، جيڪي ميڊيا ۾ رپورٽ ٿيڻ ڪري، انهن تي وڏو شور ٿئي ٿو پر اهڙا ڪيترائي ڪيس آهن، جيڪي نه رپورٽ ٿين ٿا ۽ نه وري جن جو ڪٿي ذڪر ٿئي ٿو. مون ته اکين سان عورت ججن کي به روئندي ڏٺو آهي ته انهن سان پنهنجي شعبي جا بگهڙ ڇا ڇا نٿا ڪن. مون ته ڪيتريون ئي ايوانن ۾ ويٺل اهڙيون عورتون ڏٺيون آهن، جن کي ايوانن ۾ پارٽي بدلائڻ جي دعوت ڏئي ۽ پارٽي سربراهه سان ملرائڻ جي آسري تي انهن کي هراسان ڪيو ويندو رهيو آهي. اڄڪلهه ته اهو رواج ايوانن ۾ عام آهي. مرد ميمبر بلڪل ائين ڪارروائي ڪندا آهن، جيئن ميڊيا ۽ فيشن جي دنيا ۾ عورتن کي ڪردار ڏيارڻ جي بهاني اڪثر مرد پروڊيوسر، ڊائريڪٽر ۽ ٻين عهدن وارا ڪندا آهن. چوڻ جو مطلب ته جيستائين ان عمل جي هڪڙي منظم انداز سان رستا روڪ نه ٿيندي، تيستائين عورتن کي تحفظ نه ملندو. اسان وٽ گهڻي ۾ گهڻو بحث عورت تي ٿيندڙ گهريلو تشدد تي ٿيندو آهي. اڙي بابا اُهو ته ٿيو جسماني تشدد پر، جيڪو هراسان ڪرڻ جو مختلف طريقن سان عورتن تي نفسياتي تشدد ٿئي ٿو، ان خلاف ته آواز نٿو اٿاريو وڃي. اسان جي سماج ۾ عورت کي هر قدم کڻڻ لاءِ مرد جي ”ها“ جي ضرورت پوندي آهي، ان کي خوش ڪرڻ جي ضرورت پوندي آهي، اهو سڀ ڪجهه نسلن کان هلندڙ ان منفي روايت جو ئي نتيجو آهي. جيڪا هِن ملڪ جي ”اخلاقي برگيڊ“ آهي، اها سمجهي ٿي ته 2017ع ۾ به عورت سموري چرپر مرد جي مرضيءَ سان ڪري، مرد جي موڪل سان ڪري. عورت کي سماج ۾ هڪڙي فرد واري حيثيت ملڻ گهرجي.

سنڌ اسيمبليءَ ۾ جيڪو واقعو پيش آيو آهي، اهو به ان ذهانت جي ثبوت آهي ته، آخر هڪڙي عورت جي حيثيت ئي ڪهڙي آهي، جنهن اُٿي بيهي بار بار هڪڙي مرد وزير کان سوال ڪيا. سڄو معاملو مرد جي مٿاهين هجڻ واري ذهنيت جو آهي. اسان وٽ ته اڄ تائين اهو ئي تصور آهي ته، آخر عورت ”شيءَ“ ئي ڪهڙي آهي، جيڪا مرد کان ٿي پڇاڻو ڪري. سنڌ اسيمبليءَ ۾ به ان ئي ذهنيت عورت ايم پي اي خلاف پنهنجي پاڻ کي اظهاريو آهي. هي جيڪي عورتن خلاف ذو معنى جملا استعمال ڪري پوءِ وضاحت ۾ چوندا آهن ته، منهنجو مطلب ”هي“ نه پر ”هُو“ هو، شايد انهن اٽڪلي مردن کان اهڙي وضاحت وقت اهو وسري ويندو آهي ته، جنهن عورت کي توهان اهڙو ڪو جملو چيو يا لکيو، اُن سان توهان جو اهڙو تعلق هو، جهڙو توهان ان کي جملو چيو/لکيو؟ مطلب يا ته کين تعلق جي تميز ناهي هوندي يا وري هو بهاني طور اهڙا ذو معنى جملا چئي، عورتن کي هراسان ڪندا آهن، جهڙا تازو ئي سنڌ اسيمبليءَ ۾ ٻڌڻ لاءِ مليا، اُهي به اُن ميمبر کان، جنهن جي پارٽي قيادت عورتن جي حقن لاءِ سڀ کان وڌيڪ قانونسازي ڪرڻ جو رڪارڊ رکي ٿي.

About Asghar Azad

Check Also

Indus Cascade – a disaster in the making: Dr Hassan Abbas

Share this on WhatsAppIndus Cascade – a disaster in the making: Dr Hassan Abbas The …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *