Friday , April 26 2024

گهگهرڦاٽڪ: ڪيميڪل ڪمپني جي پاڻي واري ٽئنڪ ۾ 4 پورهيت ٻڏي فوت، ليبر کاتو اڃا ننڊ مان نه اٿيو

گهگهر ڦاٽڪ جي صنعتي علائقي ۾ نئين ٺهندڙ ڪيميڪل فئڪٽري جي ٽئنڪي ۾ ٻڏي ويل 5 پورهيت مان 4 جڻا فوت ٿي ويا، ڏهاڙي تي پورهيو ڪري پيٽ پاليندڙ پورهيتن جي خاندانن جي ڪنهن به سار نه لڌي، سنڌسرڪار جي اڃا ننڊ ناهي ڦٽي سگهي، پورهيتن هڪ ڄڻي کي بچائي ورتو آهي، پوليس ڪارخاني جي انتظاميا توڙي مالڪن خلاف ڪنهن به قسم جي ڪارروائي ناهي ڪئي، سڄو ڏينهن گذرڻ باوجود ليبر کاتي به ڪنهن به قسم جو نوٽيس ناهي ورتو.

پوليس جو چوڻ آهي ته ٽئنڪي ۾ ٻڏي فوت ٿيل پورهيتن جي ظهور، فيضان، تنوير ۽ فيصل جي نالن سان سڃاڻپ ٿي وئي آهي، جڏهن ته هڪ پورهيت کي بيهوشي واري حالت ۾ بچائي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.فيڪٽري ۾ ڪم ڪندڙ ٻين پورهيتن ميڊيا کي ٻڌايو ته، ڪم دوران هڪ پورهيت پاڻي جي ٽئنڪي ۾ ڪري پيو جنهن کي بچائڻ لاءِ ٻيا 4 پورهيت هڪٻئي پٺيان ٽئنڪي ۾ لٿا. فوتي پورهيتن جي ساٿين موجب ٽئنڪي ٻڏي 4 پورهيت فوت ٿي ويا جڏهن هڪ ڄڻي کي بيهوشي واري حالت ۾ بچايو ويو.

فئڪٽري حادثي ۾ 4 پورهيت ڪم دوران پاڻي جي ٽئنڪي ۾ ٻڏي فوت ٿيڻ واري مامري تي سنڌ حڪومت جو ليبر کاتو اڃا تائين ننڊ مان نه جاڳي سگهيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *