Sunday , April 28 2024
وزيراعظم عمران خان، شاهه محمود قريشي ۽ جهانگير ترين - سنڌسماءَچار - فائلز

ملڪ ۾ اٽي کنڊ جي بحران مان فائدو حاصل ڪندڙن ۾ جهانگير ترين سڀني کان اڳتي

کنڊ بحران مان جهانگير ترين، خسرو بختيار، چوڌري مونس الاهي ۽ غلام دستگير به شامل

اسلام آباد ( خاص نمائندو  سنڌ سماءَ چار) ملڪ ۾ کنڊ ۽ اٽي جي بحران مان ڦائدو حاصل ڪندڙ ۾ ڪپتان جي ٽيم سڀني کان وڌيڪ فائدو حاصل ڪندڙ ۾ شامل، بحران ۾ فائدو وٺڻ کانپوءِ کنڊ تي سبسڊي ۾ ۾ به ڪروڙين رپين جو فائدو حاصل ڪيو. گذريل سال نومبر ۽ ڊسممبر مهينن دوران ملڪ ۾ پيدا ٿيل اٽي ۽ کنڊ جي بحران جي جاچ لاءِ وزيراعظم جي هدايتن تي وفاقي تحقيقتي اداري ڊائريڪٽر جنرل ايف آءِ اي جي سربراهي ۾ جوڙيل جا مک جي جاچ رپورٽ منظر تي اچي وئي آهي، ڊي جي ايف آءِ  رپورٽ وزيراعظم کي پيش ڪري ڇڏي آهي. رپوٽ ۾ چيو ويو آهي ته، بحران دوران پرڏيهه مان کنڊ گهرائڻ ۽ حڪومت پاران سبسڊي مان فائدو حاصل ڪندڙڻ ۾ جهانگير ترين پهرين نمبر تي آهي، جنهن جي گروپ سبسڊي ۽ کنڊ امپورٽ ڪرڻ ٻنهي ۾ مالي فائدو حاصل ڪيو. جاچ ڪميٽي پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته، ملڪ ۾ کنڊ جي  بحران ۽ ان جي اگهن ۾ واڌ، 2018 دوران کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ ۽ ان جي ئي نتيجي ۾ پنجاب حڪومت پاران ٽي ارب رپين جي سبسڊي ڏيڻ ئي بحران جو اصل ڪارڻ آهي.

ايف آءِ اي جي جاچ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته، کنڊ امپورٽ ڪندڙن آر واءِ گروپ 4 ارب رپيا، جهانگير ترين جي گروپ 3 ارب رپين کان وڌيڪ جي سبسڊي حاصل ڪري پنهنجي مختلف ڪمپنين کي مالي فائدو پهچايو. هنزه گروپ 2 ارب 80 ڪروڙ رپيا، فاطما گروپ 2 ارب 30 ڪروڙ رپيا، سبسڊي حاصل ڪئي، شريف گروپ کي به هڪ ارب 40 ڪروڙ رپين جو فائدو ڏنو ويو. کنڊ بحران ۽ سبسڊي مان فائدو حاصل ڪندڙن ۾ وفاقي وزير خسرو بختيار، قاف ليگ جو اڳواڻ ۽ ايم اين حڪومتي اتحاد ۾ شامل چوڌري مونس الاهي، نون ليگ جو اڳوڻو ميمبر صوبائي اسيمبلي پنجاب غلام دستگير، خسرو بختيار جو ڀاءُ ۽ ٻيا شامل آهن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *