Friday , April 26 2024

سنڌ مان گم ٿيل ڪنهن شخص سان حادثو پيش آيو آهي ته اهو به ٻڌايو: چيف جسٽس ثاقب نثار

ڪراچي ( رپورٽر   سنڌسماءَچار) چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار پاران سنڌ مان گم ٿيل ماڻهن واري معاملي جي شنوائي دوران هڪ سيل قائم ڪندي سمورن درخواستن کي گڏي ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي. چيف جسٽس چيو ته، جيڪڏهن گم ٿيل ماڻهن مان ڪنهن سان ڪو حادثو پيش آيو آهي ته اهو به سندن وارثن کي ٻڌايو وڃي، جيئن اُهي هڪ پاسي ٿي سگهن، ڪنهن آسري ۾ نه رهن. چيف جسٽس سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ جيئن ئي سنڌ مان گم ٿيل ماڻهن واري معاملي جي شنوائي شروع ٿي ته، هر گم ٿيل ماڻهو جي هڪ هڪ وارث کي عدالت ۾ طلب ڪيو. درخواستگذار نيلم عدالت جي روبرو پيش ٿي ٻڌايو ته سندس والد 14 مهينن کان گم آهي، ان دوران ٻين عورتن اوڇنگارون ڏئي روئڻ شروع ڪيو جنهن تي عدالت ڪمري ۾ لُڙ۽ رڙيون شروع ٿي ويون.

چيف جسٽس شهرين کي خاموش رهڻ جو حڪم ڏنو پر هو خاموش نه ٿيا. گوڙ دوران هڪ عورت چيف جسٽس جي ڊائس جي ويجهو پهچي ڌڪ هنيا جڏهن ته ٻي عورت پوليس آفيسر کي چمات وهائي ڪڍي. گوڙ تي هو ڪو حڪم جاري ڪرڻ کانسواءِ هليو ويو. چيف جسٽس آءِ جي سنڌ ۽ ڊي جي رينجرز کي پنهنجي چيمبر ۾ طلب ڪري ورتو. چيف جسٽس ٻڌڻي ٻيهر شروع ڪئي ته عورت کي روسٽرم تي طلب ڪيو ۽ غير مشروط معافي وٺڻ جي هدايت ڪئي. چيف جسٽس عورت کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان عدالت جو تقدس پائمال ڪيو، منهنجو چوڻ نه ڪيو ۽ ڪارروائي دور لُڙُ ڪنديون رهيون، اوهان عدالتي ڊائس تي ٺونشا هڻي رهيا آهيو. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته، توهان چيف جسٽس جي ڊائس تي ٺونشا هنيا، توهان جي همت ڪئين ٿي، توهان پوليس اهلڪار تي تشدد ڪئين ڪيو. چيف جسٽس ثاقب نثار عورت کي مخاطب ٿيندي رمارڪس ڏيندي چيو ته، مون کي قوم جي نياڻين کان اهڙي بد تهذيبي جي اميد نه هئي، توهان جي جاءِ تي ڪو مرد هجي ها ته کيس جيل موڪلي ڇڏيان ها. هن چيو ته، توهان لاءِ نڪتس پر توهان توهين عدالت ڪئي. چيف جسٽس گم ٿيل ماڻهن بابت سمورين درخواستن تي ڪارروائي جو حڪم ڏيندي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي خاص سيل قائم ڪرڻ جي هدايت ڪندي شنوائي ملتوي ڪري ڇڏي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *