Saturday , April 27 2024

جي ڊي اي سربراهه پيرپاڳارو پاران ڀرپور اليڪشن مهم نه هلائڻ جو امڪان

ڪراچي( رپورٽ اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) 25 هين جولاءِ تي ٿيندڙ عام چونڊن لاءِ سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي قيادت جا گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس سان رابطا قائم آهن، ابتدائي طور تي ڀرپور اليڪشن مهم نه هلائڻ تي ڳالهيون ڪيون پيون وڃن. جي ڊي اي جي هڪ سرگرم اڳواڻ نالو نه لکڻ جي شرط تي سنڌسماءَچار کي ٻڌايو ته، ”گذريل ٻن هفتن کان جي ڊي اي قيادت ۽ پ پ جي فيصلا ڪندڙ قيادت وچ ۾ ٻنهي جي ٽن گڏيل ۽ بااعتماد دوست جي معرفت  ڳالهيون هلندڙ آهن، پ پ قيادت پاران پهرين مرحلي ۾ جي ڊي اي پاران سندن مک اڳواڻن آڏو مضبوط اميدوار نه بيهارڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. ذريعن جي دعويٰ موجب ان شرط تي معاملا اڳتي وڌي ناهن سگهيا پر ائين به ناهي ته ڪو ان هڪڙي شرط تي ڳالهيون ئي ختم ڪيون ويون هجن“.

گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي ان اڳواڻ جو چوڻ هو ته، پيپلز پارٽي پاران اها به تجويز آئي آهي ته، جي ڊي اي سربراهه پير صاحب پاڳارو، ڀرپور نموني سان اليڪشن مهم نه هلائي سواءِ هڪ ٻن جلسن جي ۽ اهي به وري صرف پنهنجي جماعت جي اڪثريت وارن علائقن ۾ ئي هجن. ان ئي تجويز جي ڪڙي طور اياز لطيف پليجو، ارباب رحيم ۽ ذوالفقار مرزا کي به پنهنجن ئي تڪن ۾ رهڻ لاءِ چيو پيو وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته، جي ڊي اي جي سربراهه پاران ان ڳالهه تي گهڻي ڀاڱي راضپو ظاهر ڪيو ويو آهي ته، هُو سڄي سنڌ ۾ اليڪشن مهم لاءِ جلسا نه ڪندو ۽ اهو به ممڪن آهي ته 5 جولاءِ کانپوءِ ان ڳالهه تي اتفاق ٿي به وڃي. جيڪڏهن پير پاڳارو چونڊ مهم ۾ پاڻ سرگرم نه ٿيو ته، اتحادي اڳواڻ پڇاڻُ ته ڪندا؟ واري سوال تي هن چيو ته، ان لاءِ کوڙ بهانا موجود آهن ۽ ماڻهو سمجهن ٿا، هرڪو پنهنجو دڳ صاف ڪرڻ جي چڪر ۾ آهي.

سنڌسماءَچار کي گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي ئي هڪ ٻئي اڳواڻ کان فون تي جڏهن ان سلسلي ۾ سوال ڪيو ته هن صرف ايترو چيو ته ”ڇا اوهان کي 2013 وارين چونڊن ۾ پير صاحب جي سربراهي ۾ قائم ٿيل 10 جماعتي اتحاد ۽ ان جي چونڊ مهم ياد آهي؟؟ ڇا انهن چونڊن ۾ پير صاحب پاران ڀرپور چونڊ مهم وارن اعلانن تي ڪيترو عمل ٿيو هو؟؟. هن چيو ته، هن ڀيري معاملا اڃا تائين منجهيل آهن، آخري وقت تي ڪجهه ماڻهو به اهڙا شامل ڪيا ويا يا وري اهڙن ماڻهن کي ٽڪيٽس جاري ڪيون ويون آهن جو اسان اميدوارن لاءِ ئي چونڊ مهم دوران کوڙ سارن اهڙن سوالن کي منهن ڏيڻون پوندو، جن جا اسان وٽ ڪي به جواب ناهن. ان سان چونڊ مهم سخت متاثر ٿي سگهي ٿي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *