Monday , April 29 2024

“پاڪستان جو معاشي طور ڏيوالي واري مرحلي طرف وڌي رهيوآهي”: معاشي ماهر قيصر بنگالي

“پاڪستان جو معاشي طور ڏيوالي واري مرحلي طرف وڌي رهيوآهي”: معاشي ماهر قيصر بنگالي

ڪراچي(رپورٽر  سنڌسماءَچار) نامياري معاشي ماهر سنڌ ۽ بلوچستان جي اڳوڻي معاشي صلاحڪار ڊاڪٽر قيصر بنگالي چيو آهي ته اڄ پاڪستان جنهن معاشي بحران جو شڪار آهي، اهڙي نوعيت جو اڳ ۾ بحران نه هو، ٽيڪينيڪي طور تي پاڪستان جو معاشي طور ڏيوالپڻي جي مرحلي ۾ آهي، ڇو ته ادائگين جو توازن منفي آهي، جيڪڏهن قرضن جي وياج جي ادائگي واجب آهي ان جي ماليت زرمبادله ذخيرن ڏٺو وڃي ته ملڪ کي ڏيوالپڻي جو شڪار قرار ڏئي سگهجي ٿو، اهو بحران گهٽ مدي واري مالي ڏيتي ليتي سبب پيدا ناهي ٿيو، ان جون پاڙون ڊگهي مدي تائين کتل آهن. ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ۽ بعد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي قيصر بنگالي چيوته، گذريل 25 سالن کان اهم فصلن ۽ مينوفيڪچرنگ جي شعبن جي پيداواري شرح ڪاٽو ۽ ڪجهه موقعن تي هڪ سيڪڙو تائين آهي، جيڪا لاڳيتو غير مستحڪم نظر اچي رهي آهي. زراعت ۽ مينوفيڪچرنگ معيشت جي بنياد خام شين جي پيداوار آهي ۽ ان شعبي ۾ پيداوار، پرڏيهي واپار/ ايڪسپورٽ، آمدني ۽ روزگار جا خطرناڪ حد تائين گهٽجي ويا آهن ۽ اهوس سلسلو رڪجندي نظر نه پيو اچي. قيصر بنگالي جو چوڻ هو ته، مجموعي طور تي ملڪ جي؛ مجموعي گهريلو/ملڪي پيداوار (Gross domestic product) جنهن کي عام طور تي جِي ڊِي پِي واري شرح مصنوعي آهي ڇو ته اسٽاڪ مارڪيٽ، ملڪيتن جي (ريئل اسٽيٽ بزنس) وڪري ۽ خريداري ۽ زراعت سان لاڳاپيل جنسن خاص طور تي عام استعمال واريون شيون ڪموڊٽي  ( commodity)جي بازار ۾ سٽي بازي جي بنياد تي دولت پيدا ڪئي پئي وڃي، پاڪستاني معيشت ڪيسينو اڪانامي بڻجي وئي آهي.

معاشي ماهر قيصر بگنالي صحافين جي پڇيل مختلف سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته، غير ضروري امپورٽ تي پابندي لڳائي وڃي، هائيڊل، مقامي ڪوئلي، سج جي روشني مان بجلي پيدا ڪئي وڃي، عوامي ٽرانسپورٽ جي سهولتن لاءِ ضروري آهي ته، ريلوي جي نظام کي بحال ڪيو وڃي ۽ موجوده ريلوي جي نظام کي بهتر بڻايو وڃي، سيڙپڪارن لاءِ سهولتن ۽ همٿ افزائي لاءِ ايف ڊي آئيز ۾ ترميم ڪئي وڃي. مينوفيڪچرنگ جي صنعت تي جي ايس ٽي شرح گهٽائي وڃي، مختصر مدي جي ٽريڊنگ روڪڻ لاءِ ڪيپٽل گين ٽيڪس جو نظام مستحڪم ڪيو وڃي، دفاعي خرچ گهٽايا وڃن، غير ضروري وزارتون ۽ ڊويزنون ختم ڪيون وڃن. هن چيو ته ترقياتي منصوبا عوامي جي مفاد نه پر ٺيڪيدار ۽ انهن جي سرپرستن کي نظر ۾ رکندي ٺاهيا ويندا آهن، خاص طور تي سال  2000  کان معيشت کي جيئن هلايو پيو وڃي ان جي ڪري قومي معيشت پرڏيهي ملڪن وٽ يرغمال بڻجي وئي آهي. هن چيو ته اشرافيه وٽ ايترا وسيلا آهن ته هو معيشت جي اڀرندڙ بحرانن کي برداشت ڪري سگهن، انهن کي صرف اهو فڪر هوندو آهي ته جلد کان جلد ڪهڙي به نموني هوائي اڏي تي پهچي پرڏيهه فرار ٿي وڃن، جتي انهن جو ناڻو محفوظ آهي. عوام کي وڏي پيماني تي بيروزگاري ۽ مهانگائي، بک ۽ ٻين مسئلن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي.

ڊاڪٽر قيصر بنگالي چيو ته هن معاشي بحران سان ملڪي سلامتي کي به خطرا آهن، پاڪستان جي هٿياربند فوج جنگين دوران ملڪي سرحدن تي خطرن جو مقابلو ڪيو آهي ۽ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته، پيداواري شعبو سرگرمي ۽ صلاحيتن سان ڀرپور ڪم ڪري رهيو هجي، ڪرندڙ معيشت سان جنگ نٿي وڙهي سگهجي. هن چيو ته اسٽيل، ڪپهه، ڪڻڪ، چانور، سيمينٽ توڙي ٻين شين جي پيداوار مسلسل گهٽجي رهي آهي، انهي ڪرندڙ پيداوار کي روڪڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، ڊالر جي کوٽ ۽ رپئي جو خسارو يا بجيٽ خسارو، ڊالر جي ڪمي کي درآمدات ۾ ڪمي ۽ برآمدات ۾ اضافي سان ختم ڪري سگهجي ٿو، رپئي جي گهٽتائي يا بجيٽ خساري کي غير ترقياتي خرچ گهٽ ڪري ختم ڪري سگهجي ٿو، هن چيو ته آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ لازمي هو، جنهن جو اندازو مون کي گذريل سال کان ئي هو، ڇو ته ٻيو ڪو رستو نه آهي، آءِ ايم ايف هڪ ڊالر ڏئي يا 100 ڊالر ڏئي پر انهن جا شرط ساڳيائي هوندا آهن، پر جنهن ڪارڻ بحران پيدا ٿيو ان کي اسان وساري ڇڏيو.

قيصر بنگالي جو چوڻ هو ته زراعت ۽ صنعت ئي معيشت جا بنياد آهن، 25 سالن ۾ صنعت ۽ زراعت جي تباهي ٿي آهي، اسٽاڪ ايڪسچينج، پراپرٽي ۽ امپورٽ مان آمدني ٿيندي آهي، پر اها آهي سٽيبازي، ان کي ڪيسينو آمدني چئي سگهجي ٿو، جتي ڪا به محنت ڪرڻ بنا پيسا ڪمائي سگجهن ٿا، هن چيو ته سائٽ انڊسٽريل ايريا ۽ ڪورنگي انڊسٽريل ايرياز ۾ هاڻ ڪارخانا گهڻي قدر بند ٿي ويا آهن ۽ اتي آفيسون قائم ٿي ويون آهن، هن چيو ته سال 2002ع کان امپورٽ جا دروازا کوليا ويا اهن، جيتريون به غير ضرورت شيون آهن انهن جي امپورٽ تي پابندي لڳائي وڃي، فرنس آئيل مهانگي بجلي پيدا ڪري ٿو ان کان بهتر آهي ته پنهنجي مقامي ڪوئلي تي بجلي پيدا ڪئي وڃي، هن ٻڌايو ته اڳ ۾ پي آءِ ڊي سي ڪارخانا لڳائيندي هئي ۽ پوءِ پرائيويٽ سيڪٽر کي وڪرو ڪندي هئي، پر هاڻ هتي ڪارخانا نٿا لڳن، هن چيو ته ٽرڪ کان ريل طرف واپس اچڻو پوندو، ڇو ته ٽرڪ کان ريل وڌيڪ سستي پوندي آهي، هن چيو ته ڊالر ۽ رپئي جي گيپ کي ختم ڪرڻ لاءِ ايڪسپورٽ وڌائڻي پوندي ۽ امپورٽ گهٽائڻي پوندي، هن چيو ته هتي پاڻي به ٻاهر جون ڪمپنيون وڪرو ڪري رهيون آهن جيڪو پاڻي به اسان جو آهي ۽ اهو صرف بوتلن ۾ ڀري صاف ڪري مهانگي اگهن تي وڪرو ڪن ٿيون ۽ رپيا گڏ ڪري ڊالر پنهنجي ملڪن ڏانهن کڻي وڃن ٿيون اهڙي صورتحال موبائل ڪمپنين جي به آهي ته هڪ به مقامي ڪمپني نه آهي، اها حڪومت جي نااهلي آهي جو عوام کي صاف پاڻي به فراهم نٿي ڪري سگهي، هن چيو ته هتي ٻه پاڪستان آهن هڪڙو اشرافيه جو ۽ ٻيو عوام جو آهي، پاڪستان جهاز جيان آهن جنهن ۾ سوار اشرافيه نٽ بولٽ گڏ ڪري پنهنجي ڪيبن کي مضبوط ڪري رهي آهي پر جڏهن جهاز ٻڏندو ته اها ڪيبن به انهي پاڻي ۾ لڙهي ويندي جنهن ۾ عوام سوار آهي، هن چيو ته پاڪستان جي معيشت هن وقت وينٽي ليٽر تي آهي، هن چيو ته معيشت مفروضن تي ناهي هلندي، پر ان جي لاءِ تمام گهڻي محنت جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر قيصر بنگالي ٻڌايو ته مون گذريل 25 سالن جو معاشيات بابت ڪيل ريسرچ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ڏانهن به اماڻي آهي، باقي جنهن وٽ به هن کان وڌيڪ بهتر حل هجي ته اهو پيش ڪري سگهي ٿو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *