Saturday , April 27 2024

بک بڇڙو ٽول، جيڪب آباد ۾ غربت ماڻهن جي روپ  ۾ لڪيل جانورن جي ور چڙهي وئي

بک بڇڙو ٽول، جيڪب آباد ۾ غربت ماڻهن جي روپ  ۾ لڪيل جانورن جي ور چڙهي وئي، پوليس ڪيس داخل ڪري ورتو، ٻه جوابدرا گرفتار،ايس ايس پي بشير بروهي پاران تصديق

جيڪب آباد (خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) جيڪب آباد ۾ غربت ست مهينن تائين ماڻهن جي شڪل ۾ وحشي جانورن جي وحشتن جو مبينا طور کاڄ بڻجندي رهي، نينگري الف کي حمل ظاهر ٿيڻ کانپوءِ وارثن کي خبر پئي، جنهن ان راز تان پردو کنيون. جيڪب آباد شهر جي سول لائينز ٿاڻي تي داخل ڪرايل هڪ ايف آءِ آر ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته، پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ چئن ساٿين سان گڏ ست مهينن تائين 13 سالن جي هڪ نينگري سان ماني ڏيڻ عيوض جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻائيندا رهيا، ايس ايس پي بشير بروهي تصديق ڪندي چيو آهي ته نينگري جي امڙ جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري ٻن جوابدارن کي گرفتار به ڪيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون. نينگري جي امڙ جي فرياد داخل ڪرڻ کانپوءِ گرفتار ڪيل ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، سول لائين ٿاڻي جي حد بچل شاهه پاڙي جي رھواسي پورهيت محمد صلاح ابڙو جي 3 ورهين جي نياڻي (الف) سان جيڪب آباد جي واپاري ۽ انتهائي بااثر پي ٽي آءِ اڳواڻ سميع الله سرھيو جي ننڍي ڀاءُ ظفر الله سرھيو ٻين ساٿين سان گڏجي 3 ورهين جي نياڻي الف سان ست مهينن تائين مختلف وقتن تي جنسي حوس جو نشانو بڻائيندا رهيا. ايس ايس پي شڪارپور بشير بروهي سنڌسماءَچار پاران رابو ڪرڻ تي تصديق ڪئي آهي ته، نينگري جي امڙ ضميران ابڙو جي فرياد سول لائينز ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري ظفر سرهيو ۽ ڪامران ڀٽو سميت چئن جوابدارن کي ايف آءِ آر ۾ نامزد ڪيو ويو آهي، جن مان ظفر سرهيو ۽ ڪامران پٺاڻ کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

بشير بروهي – ايس ايس پي جيڪب آباد

ان سلسلي ۾ سول لائينز پوليس موجب، نينگري ارم جي امڙ ضميران ڪيس داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته منهنجي ڌيءُ ماني وٺڻ لاءِ جوابدار ظفر الله سرهيو جي گهر ويندي رهندي هئي، جنهن جي گهرواري ڊاڪٽر آهي، جيڪا ڊيوٽي تي ويندي هئي ته پوءِ جوابدار ظفر الله سرهيو، ڪامران پٺاڻ ۽ ٻين منهنجي نياڻي کي حوس جو نشانو بڻايو. فريادڻ جو چوڻ آهي ته،  جوابدار سندس نياڻي سان ست مهينن تائين جنسي ڏاڍائي ڪندا رهيا. هن چيو ته جوابدار معصوم نياڻي کي ڌمڪيون ڏيندا هئا ته ڪنهن کي ٻڌائيندي ته توکي قتل ڪري ڇڏينداسين. پوليس موجب نينگري جو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرائي ڪارروائي اڳتي وڌائي ويندي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس ٻن جوابدارن ظفر الله سرهيو ۽ ڪامران پٺاڻ کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي. ٻي پاسي ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته نينگري کي حمل ظاهر ٿيڻ کانپوءِ وارثن کانئس حقيقت معلوم ڪئي، جنهن بعد سمورو معاملو سامهون آيو آهي.

مرادعلي شاهه جي امڪاني گرفتاري،سنڌ حڪومت جو نئون بحران،سينئر ايم پي اي جا ڀاڳ کلي سگهن ٿا

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *