Friday , March 29 2024

مرادعلي شاهه جي امڪاني گرفتاري،سنڌ حڪومت جو نئون بحران،سينئر ايم پي اي جا ڀاڳ کلي سگهن ٿا

مراد علي شاهه جي امڪاني تبديلي بعد وڏ وزارت لاءِ نوابشاهه جي ايم پي اي جو نالو گردش ڪرڻ بعد ان ايم پي لاءِ به ڏکيائيون وڌي ويون

سنڌ اسيمبلي جي سڀني کان وڌيڪ سينئر ايم پي اي جا ڀاڳ کلي سگهن ٿا

ڪراچي (رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي امڪاني گرفتاري کانپوءِ سنڌ حڪومت جي انتظامي بحران جو جو امڪان آحي، بلڪل اهڙو ئي اتنظامي بحران جيڪو سنڌ جي گورنر جي غيرموجودگي ۾ سنڌ جي وقتي گورنر جو عهدو هڪ هفتي کان خالي پيل آهي، پيپلز پارٽي سنڌ جي وڏي وزير جي امڪاني گرفتاري کانپوءِ مراد علي شاهه کان ڏيارجي يا نه؟ واري آپشن تي پيپلز پارٽي جي قيادت ويچاري ره آهي. پ پ جي سنڌ اسيمبلي کان ٻاهر ويٺل سينئر قيادت مراد علي شاهه کان استعيفيٰ وٺڻ ۽ نئون وڏو وزير نامزد ڪرڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه خلاف جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ سندس خلاف جاچ ٿي هئي جنهن بعد عدالتي حڪم تحت جوڙيل هڪ ٻي جاچ ڪميٽي به مراد علي شاهه خلاف جاچ هلندڙ آهي. ذريعن دعويٰ  ڪئي آهي ته 25 اگسٽ تاائين مراد علي شاهه جي مستقبل لاءِ انتهائي اهم ڏين هن   آهن، جنهن دوران سندس وڏ وزارت بابت حتمي فيصلو ٿي ويندو ۽ اهو فيصلو پ پ پ نه ڪندي، عيد کان پوءِ مراد علي شاهه کي هڪ ڀيرو وري نيب راولپنڊي/اسلام آباد پاران پڇاڳاڇا لاءِ  گهرايو ويندو ۽ اها پيشي سندس لاءِ انتهائي اهم هوندي.

مراد علي شاهه جي امڪاني گرفتاري کانپوءِ واري سنڌ حڪومت جي صورتحال بابت سنڌسماءُچار کي مليل ڄاڻ موجب، پيپلز پارٽي جي سينئر قيادت (جيڪا سنڌ اسيمبلي ۾ موجود ناهي) پارٽي قيادت کي صلاح ڏني آهي ته مراد علي شاهه جي گرفتاري کانپوءِ کائنس استعيفيٰ وٺي نئون وڏو وزير نامزد ڪري ان مرحلي جي ڪاميابي لاءِ ڪوشش ڪئي وڃي، وڏي وزير لاءِ ڪو اهڙو ايم پي اي نامزد ڪيو وڃي جنهن جي خلاف نيب يا اينتي ڪرپشن جي ڪا انويسٽيگيشن يا ڪيس نه هلندڙ نه هجي؛ يا وري ڪا انويسٽيگيشن هلندڙ به هجي ته اها ايتري مضبوط نه هجي.

سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق مراد علي شاهه گذريل هڪ مهيني کان هڪ بااثر (غيرحڪومتي) شخصيت سان لڳاتار رابطي ۾ رهيو آهي ۽ سندس رابطا وڏي عرصي کان جاري آهن،اها شخصيت مراد علي شاهه کي دلجاءِ ڏيندي رهي آهي ته کيس يعني مراد علي شاهه کي تحفظ ڏنو ويندو، جنهن لاءِ مراد علي شاهه کي اها هدايت ڪئي وئي هئي ته هُو فريال ٽالپر ۽ آصف زرداري جي معاملي ۾ سياسي بيان بازي کان جيترو ٿي سگهي پاسيرو رهي، جنهن تي هُو ڪنهن حد تائين عمل به ڪندو رهيو آهي. ذريعن اها به دعويٰ ڪئي آهي ته وڏي وزير مراد علي شاهه انههي بااثر شخصيت سان رابطن بابت پارٽي چيئرمين کي مڪمل باخبر رکندو آيو آهي، جن جا هڪٻئي لاءِ پيغام به پهچائيندو رهيو آهي، گهوٽڪي جي اين اي 205 جي ننڍي چونڊ دوران بلاول ڀٽو زرداري جي هڪ تقرير دوران اختيار ڪيل سخت موقف کانپوءِ وڏي وزير لاءِ ڏکيائيون وڌي ويون آهن. وڏي وزير مراد علي شاهه جي استعيفيٰ جي صورت ۾ آصف زردري ۽ فريال ٽالپر پاران نوابشاهه سان واسطو رکندڙ هڪ ايم پي اي جو نالو ڏنو ويو، هو جنهن جو نالو وڏ وزارت لاءِ گردش ۾ اچڻ بعد پ پ پ جي ئي ڪجهه اڳواڻن سندس ” ٽيڪنيڪل ڪرپشن “ جا ڪجهه تفصيل مختلف هنڌن تي پهچايا ويا هئا. جنهن بعد ان خلاف نيب حرڪت ۾ آئي هئي پر نيب کي ان ايم پي خلاف وڌيڪ ڪنهن به ڪارروائي (انويسٽيگيشن/ انڪوائري) کان روڪيو ويو هو.

پ پ پ جي هڪ طاقتور ۽ اهم کاتي جي صوبائي وزير ( جنهن کان ڪجهه ڏينهن پهريان وزارت واپس ورتي وئي آهي) وڏ وزارت لاءِ لابنگ شروع ڪئي هئي ته سندس ئي کاتي جي هڪ وڏي ڪرپشن جو ٽيلر هلرايو ويو، جنهن لاءِ چيو پيو وڃي ته اها ڪرپشن واري ڳالهه سندس مدمقابل ۽ وڏي وزير جي اميدوار ”پلانٽيڊ نيوز اسٽوري“ جي صورت ۾ منپسند صحافين جي معرفت پهريان سوشل ميڊيا جي گروپن ۽ بعد ۾ وري ميڊيا تي آندي وئي ۽هن پاران وڏ وزارت جي ڊوڙ ۾ شامل نه ٿيڻ جي خاطري بعد اها مهم روڪرائي وئي.  مراد علي شاهه جي گرفتاري بابت ٻڌايو پيو وڃي ته جيڪڏهن سندس معاملا 25 اگسٽ تائين سڌا ٿي ويا ته پوءِ کائنس نه استعيفيٰ ورتي ويندي ۽  نه ئي وري کيس گرفتار ڪيو ويندو.  ذريعيب اها به دعويٰ ڪئي آهي ته سنڌ اسيمبلي جو هڪ موسٽ سينئر ايم پي اي جنهن لاءِ ماضي ۾ ايورگرين منسٽر مشهور رهيو آهي، ان جو نالو به امڪاني تبديلي بعد وڏ وزارت لاءِ ڪڻو نڪري سگهي ٿو. سنڌسماءَچار..

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *