Saturday , April 27 2024

مهر ڀائرن جا پ پ سان ۽ مهر ڀائرن جا پاڻ اختلاف…

فائل    فوٽو

گهوٽڪي(رپورٽر  سنڌسماءَچار) پ پ قيادت ۽ گهوٽڪي جي  مهر ڀائرن ۾ اختلاف سامهون اچي ويا آهن ۽ ساڳئي وقت وري مهر ڀائرن جي به پاڻ اختلافن جو چئوٻول آهي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي آممد واري موقعي تي صرف راجا خان مهر ئي موجود هو، ذريعن جو چوڻ آهي ته ايم پي اي راجا خان مهر سان ايم اين اي علي گوهر مهر، اڳوڻي وڏي وزير ۽ ايم اين اي ۽ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير علي محمد مهر ۽ صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر دعوت ۾ شرڪت نه ڪئي.

ذريعن موجب سردار علي گوهر مهر جا پ پ قيادت کانپوءِ پنهجي ڀاءُ راجا خان مهر سان به اختلاف تيز ٿي ويا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته، اختلافن سبب ئي ڪارڻ آهي ته جمعي ڏينهن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي ٻين پارٽي اڳواڻن سان گڏجي مهر ڀائرن کي پرچائڻ لاءِ آيا ته اتي مهر خاندان مان صرف ايم پي اي راجا خان مهر ئي موجود هو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايم اين اي علي گوهر مهرسان اڳوڻو وڏو وزير ۽ ايم اين اي علي محمد مهر ۽ صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر گڏ آحن جڏهن ته راجا خان مهر پ پ سان گڏ هلڻ لاءِ اڪيلو رهجي ويو آهي.

سنڌسماءَچار کي ان سلسلي ۾ مليل معلومات مطابق، علي گوهر مهر واري گروپ جا راجا خان مهر سان اختلاف ختم نه ٿيا ته راجا خان مهر سياسي وابسطگي کان خاندان کي وڌيڪ اهميت ڏيندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته، مهر خاندان جا صرف پيپلز پارٽي سان اختلاف ناهن پر سندن اختلاف آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کان شروع ٿيا جيڪي پارٽي تائين پهتا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *