Saturday , April 27 2024

ڪراچي جا ترقياتي ڪم، هڪ وڌيڪ ڪميٽي قائم

ڪراچي(رپورٽ: آفاق ڀٽي    سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت پاران ڪراچي جي ترقياتي ڪمن بابت جوڙيل ڪميٽي اختلافن جي ورچڙهڻ کانپوءِ هڪ نئين ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، ڪمشنر ڪراچي جي سربراهي ۾ قائم ڪميٽي ۾ وفاقي ادارن جا سربراهه به شامل، ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب وڏي وزير مراد علي شاهه جي سربراهي ۾ قائم پرووينشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي ۾ وفاقي ۽ سنڌ حڪومت جي نمائندن وچ ۾ اختلافن کانپوءِ وفاقي حڪومت پي ٽي آءِ سنڌ جي چوڻ تي نئين ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. ڪمشنر ڪراچي جي سربراهي ۾ جوڙيل 9 ميمبرن تي ٻڌل ڪميٽي ۾ ڪراچي شهر ۾ موجود سمورن ڪينٽونمينٽ بورڊز جا سِي اِي اوز، وفاقي وزرتن (جن جون هيڊ آفيسز ڪراچي ۾ آهن) جا نمائندا به ڪميٽي ۾ شامل هوندا…..(ڊولپنگ اسٽوري)

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *