Saturday , April 27 2024

31جنوري گذري وئي، وزيراعظم استعيفا نه ڏني، پي ڊي ايم ٻڌتر جو شڪار

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد    سنڌسماءَچار)اپوزيشن جي حڪومت مخالف اتحاد پي ڊي ايم پاران وزيراعظم عمران خان کي استعيفا ڏيڻ لاءِ مهلت ختم ٿي وئي، پر ويراعظم استعيفا يا وري اپوزيشن سان ڳالهين لاءِ به راضي ناهي ٿيو، پي ڊي ايم قيادت لانگ مارچ ۽ پ پ پاران پارليامينٽ اندر تبديلي وارن آپشنز تي حتمي فيصلي لاءِ 4 فيبروريءَ تي ڪَٺُ ڪندا. مولانا فضل الرحمان جي صدارت هيٺ ڪجهه هفتا اڳ اسلام آباد ۾ ٿيل پي ڊي ايم جي اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان کي الٽيميٽم ڏنو هو ته، 31 جنوري تائين استعيفا ڏئي هليو وڃي، جيڪا مهلت ختم ٿي وئي آهي. وزيراعظم پاران پي ڊي ايم جي مطالبي تي استعيفا نه ڏيڻ توڙي مخالف ڌر سان ڪي به ڳالهيون نه ڪرڻ واري فيصلي بعد پي ڊي ايم قيادت سخت مونجهاري جو شڪار آهي، پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ سميت پي ڊي ايم ۾ شامل اتحادي جماعتون پارليامينٽ مان استعيفائن واري فيصلي باوجود چئني صوبن ۾ قومي توڙي صوبائي اسيمبلين جي خالي ٿيل سيٽن تي ننڍي اليڪشن ۾  ڀرپور حصو وٺي رهيون آهن ۽ سينيٽ اليڪشن جي به تياري ڪئي وڌپئي وڃي.

اپوزيشن جي استعيفائن بابت سنڌسماءَچار 12ڊسمبر 2020 تي خبر بريڪ ڪري چڪي آهي، جنهن ۾ واضح ٿيل آهي ته پيپلزپارٽي پارليامينٽ مان استعيفائن واري پي ڊي  ايم جي فيصلي تي عمل نه ڪندي ۽ حڪومت خلاف استعيفائن کانسواءِ ٻيا آپشنز استعمال ڪرڻ کي ترجيح ڏيندي….

تفصيلن لاءِ هن لنڪ کي ڪلڪ ڪيو

پيپلزپارٽي جي سينئر اڳواڻن استعيفائن جي مخالفت ڪري ڇڏي

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *