Friday , April 26 2024

ميهڙ ۾ شهيد ٿيل 3 ڄڻن جي وارثن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ ايس يو پي ميدان ۾ نڪري پئي

دادو(خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ميهڙ ۾ يوسي چيئرمين ڪرم الله چانڊيو ۽ سندس ٻن پٽن جي قاتلن جي گرفتاري ۽ وارثن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ ميدان ۾ نڪري پئي آهي، ِ ايس يو پي سربراهه سيد جلال محمد شاهه جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ميهڙ فريدآباد روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو، احتجاج ڪندڙن جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف نعريبازي به ڪئي. يوسي چيئرمين ڪرم الله چانڊيو ۽ سندس ٻن پٽن جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ايس يو پي  سربراهه سيد جلال محمد شاهه، مولابخش لغاري، ادريس چانڊيو، شبير منگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ميهڙ فريدآباد روڊ تي ڌرڻو هنيو.

ڌرڻي کي خطاب ڪندي ايس يو پي سربراهه خطاب ڪندي چيو ته، ميهڙ سانحو سرداري نظام خلاف ٿيل عوامي بغاوت ۽ عام ماڻهن جي حقن جي ڳالهه ڪندڙن کي راهه تان هٽائڻ جي سازش آهي. سنڌ حڪومت جوابدارن جي گرفتاري ۾ روڙا اٽڪائي رهي آهي ۽ وارثن انصاف لاءِ در در ڀٽڪي رهيا آهن. جلال محمود شاهه چيو ته ، ڪرم الله چانڊيو ۽ سندس ٻن پٽن جو قتل سنڌ ۾ ۾ خوف وارو ماحول پيدا ڪري ايندڙ عام چونڊن تي اثر انداز ٿيڻ جي سازش آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. جلال محمود شاهه مطالبو ڪيو ته ڪرم الله چانڊيو ۽ سندس پٽن جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتاري ڪري عدالت جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي جيئن علائقي مان خوف ماحول ختم ٿي سگهي ۽ وارثن کي انصاف ملي سگهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *